Saturday , April 20 2024

چوڌري شگر ملز ۽ حديبيا پيپرملز جي رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪندڙ ظفر حجازي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

Hussain Nawaz03Zafar-Hijazi 01

اسلام آباد: رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪري شريف ڪٽنب جي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ چوڌري شگرملز ۽ حديبيا پيپر ملز جي رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪندڙ اي ايس سي پي جي جو چيئرمين ظفر حجازي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ حوالي ٿي ويو آهي. عدالت ظفر حجازي کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ڏيندي سندس بيماري بابت رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.

فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي ( ايف آءِ اي ) جي اسپيشل جج سينٽرل پاران ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ کانپوءِ چيئرمين ايس اي سي پي ظفر حجازي کي گرفتار ڪيو ويو، چيئرمين ظفر حجازي تي چوڌري شگر مل جي رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ ۽ ماتحت آفيسرن کي ڌمڪائڻ جو الزام هو. ظفر حجازي کي گرفتاري کانپوءِ ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر منتقل ڪيو ويو. ايف آءِ اي گرفتار ڪيل ايس اي سي پي جي چيئرمين ظفر حجازي کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري پڇاڳاڇا لاءِ رمانڊ منظور ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جيڪا عالت منظور ڪندي حجازي کي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو.

ياد رهي ته ڪالهه اسپيشل جج سينٽرل طاهر محمود رڪارڊ ٽيمپرنگ جي ڪيس ۾ چيئرمين سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ظفر حجازي جي ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ظفر حجازي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي ظفر حجازي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تڪڙ ۾ ڪيس داخل ڪيو، ايف آءِ اي رڪارڊ ٽيمپرنگ ۾ ملوث ٻن آفيسرن کي ڇڏي ڏنو، ظفر حجازي بيمار آهي، ان ڪري سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي، بعد ۾ عدالت ظفر حجازي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ ايف آءِ اي جي اهلڪارن ظفر حجازي کي عدالتي ڪمري مان گرفتار ڪري ورتو، ذريعن موجب ظفر حجازي جي گرفتاري کانپوءِ طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو، بعد ۾ کيس وڌيڪ جاچ لاءِ ايف آءِ اي هيڊڪوارٽر اماڻيو ويو.

 شاهن جو شاهه کان وڌيڪ وفادار ٿيڻ کان اڳ آفيسر شاهي کي سوچڻ گهرجي ته غير قانوني ڪم ڪري حڪمرانن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چند ڏينهن جي هوندي آهي. اهڙو سبق سيڪيورٽي ايڪسچئنج ڪمپني آف پاڪستان ( ايس اي سي پي ) جي چيئرمين ظفرحجازي جي ڪردار مان ملي وڃي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *