Saturday , April 20 2024

چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي جي آصف زرداري سان ملاقات،رات جي ماني به گڏجي کاڌي-ذريعا

لاهور( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جي سربراهه آصف علي زرداري جي دعوت تي چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي بلاول هائوس پهچي رات جي ماني گڏ کاڌي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي ۽ شجاعت حسين آصف زرداري جي خصوصي دعوت بلاول هائوس پهتا. آصف زرداري ٻنهي ڄڻن سان نويڪلائي ۾ به ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سينيٽ جي چونڊن ۽ ايندڙ عام چونڊن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. آصف زرداري چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي کان پنجاب جي مخصوص ضلعن ۾ چونڊن دوران سهڪار جو چيو، ان جي بدلي آصف زرداري به کين هر طرح جي مدد جي پڪ ڏياري آهي.ذريعن موجب لاهور ۾ چوڌري ڀائرن آصف زرداري سان ملاقات دوران سينيٽ چونڊن سميت ايندڙ عام چونڊن ۾ به گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول هائوس ۾ چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي، آصف علي زرداري سان نويڪلائي ۾ ملاقات بعد رات جي ماني گڏجي کاڌي ۽ ان موقعي تي اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، نيئر بخاري، منظور وٽو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *