Saturday , April 20 2024

چوٿين عالمي ونڊ انرجي ڪانفرنس 30 آگسٽ تي ڪراچي ۾ ٿيندي، پرڏيهي وفد به شرڪت ڪندا

چوٿين عالمي ونڊ انرجي ڪانفرنس 30 آگسٽ تي ڪراچي ۾ ٿيندي، ونڊ انرجي گهٽ سيڙپڪاري سان وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ پاور سيڪٽر بڻجي سگهي ٿو

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) چوٿين عالمي ونڊ انرجي ڪانفرنس/ سمٽ 30هين آگسٽ تي ڪراچي ۾ ٿيندي، محمد نعيم قريشي چيو آهي ته سمٽ ۾ متبادل توانائي جي اهم ذريعي هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ وارن منصوبن ۾ سيڙپڪاري سميت ان سان لاڳاپيل معاملن تي ويچاريو ويندو. سنڌ حڪومت ۽ انرجي اپڊيٽ پاران هرسال جيان هن سال به ونڊ انرجي سمٽ ڪرايو ويندو. انرجي اپڊيٽ جي آرگنائيز محمد نعيم قريشي چيو آهي ته، ڪميٽي جي وفد سنڌ جي صوبائي وزير امتياز شيخ سان ملاقات ڪري ونڊ انرجي سمٽ بابت بريفنگ ڏني، هن چيو ته امتياز شيخ سنڌ حڪومت پاران چوٿين سمٽ ۾ متبادل توانائي واري کاتي پاران مڪمل سهڪار ۽ سمٽ ڪرائڻ ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نعيم قريشي چيو ته، گذريل ٽن سالن کان هي ڪانفرنس ڪرائي رهيا آهيون، هن ڪانفرنس جو مک مقصد ونڊ انرجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ان جي فائدن بابت ڄاڻ کي وسيع ڪرڻ آهي.

هن چيو ته ونڊ پاور منصوبا مڪمل ماحول دوست ۽ سيڙپڪاري جي لحاظ کان آسان ۽ گهٽ مدي ۾ تيار ٿيڻ وارا هوندا آهن. نعيم قريشي جو چوڻ هو ته ونڊ انرجي مان بجلي جي پيداوار ٻين ذريعن کان گهٽ سيڙپ تمام گهڻي سستي حاصل ڪري سگهجي ٿي.هن چيو ته ڪانفرنس ۾ ونڊ پاور جا عالمي ماهر ب ه شرڪت ڪندا، ان کانساوءِ متبادل توانائي جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر رانا جبار، بلوچستان جي توانائي واري کاتي جو سيڪريٽري پسند خان بليدي، چيئرمين هارڊن سولر ظفر سبحاني، ڊاڪٽر نسيم اي خان اينگرو انرجي جو برگيڊيئر رٽائرڊ طارق لاکير۽ ٻيا به شرڪت ڪندا. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ سنڌ حڪومت ۽ انرجي اپڊيٽ جي سهڪار سان متبادل توانائي بورڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽريڪل اينڊ اليڪٽرونڪ انجنيئرز پاڪستان جا نمائندا به شرڪت ڪندا.

ڊي آءِ جي عرفان بلوچ 24ڪلاڪن اندر پنهنجي بيان تان ڦري ويو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *