Friday , March 29 2024

چوٿون سنڌ ادبي ميلو 2020 جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل

14هين مارچ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ سنڌ ادبي ميلي ۾ سڄي سنڌ مان شرڪت لاءِ ماڻهن تياريون شروع ڪري ڇڏيون

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) هرسال جيان هن سال به چوٿون سنڌ ادبي ميلو ڪراچي جي سمنڊ ڪناري ٿي رهيو آهي، ٻن ڏينهن واري هن ميلي جو افتتاح چوهين مارچ ڇنڇر ڏينهن صبح جو يارهين وڳي بيچ لگزري هوٽل جي جيسمين هال ۾ وڳين ٿيندو، ٻئي  ڏينهن  مختلف پروگرام رات جو 11هين وڳين تائين جاري ٿيندا. ايس ايل ايف جي انتظاميا پاران پروگرام جي جاري ڪيل ترتيب مطابق، 14 مارچ تي صبح جو 11 هين وڳين سنڌ ادبي ميلي جو افتتاح ٿيڻ سان ئي مختلف پروگرامن جي شروعات ٿي ويندي.

چوٿين سنڌ ادبي ميلي جي پروگرامن جي ترتيب مطابق، پهرين ڏينهن مشاعرو، ٿيٽر راڳ رنگ ۽ ٻيا پروگرام ٿيندا جيڪي رات يارهين وڳي تائين جاري رهندا، چوٿين سنڌ ادبي ميلي جي پروگرامن جي ترتيب مطابق، پهرين ڏينهن مشاعرو، ٿيٽر راڳ رنگ ۽ ٻيا پروگرام ٿيندا جيڪي رات يارهين وڳي تائين جاري رهندا، ايس ايل ايف ۾ پهرين ڏينهن 14 مارچ تي منجهند جو 3 وڳي، سنڌي ڪهاڻي نئين ۽ پراڻي جي عنوان سان ٿيندڙ ويهڪ ۾ ناليوارو ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار ممتاز بخاري هوندو، جيڪو موضوع جو تعارف ۽ ان بابت ڄاڻ ڏئي پروگرام جي ميزباني ڪندو، هن پروگرام جي مهمانن ۾ زيب سنڌي، شوڪت حسين شورو، مدد علي سنڌي، فوزيا ناز، طارق قريشي ۽ زراب حيدر شامل هوندا، جيڪي ڪهاڻي جي حوالي سان ان جي مختلف رخن تي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪندا.

وڏهين مارچ شام جو ڇهين وڳي سنڌ ۾ وڌندڙ خودڪشين / پاڻ مارڻ وارن واقعن بابت خودڪشي مسئلن جو حل ناهي جي عنوان سان ويهڪ ٿيندي، جنهن جو ميزبان سينئر صحافي رياض سهيل هوندو، هن ويهڪ جي مهمانن ۾ ڊاڪٽر سيد هارون احمد، ڊاڪٽر ڪريم خواجا ۽ علي اڪبر راهمون هوندا. چوڏهين مارچ تي شام جو 5 وڳي بلوچستان هڪ مڪالمو جي عنوان سان بلوچستان جي مسئلن بابت هڪ ويهڪ ٿيندي، ان جو ميزبان عابد مير هوندو ۽ مهمانن ۾ بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير ڊاڪٽر مالڪ بلوچ، سينيٽر ثناءُ الله بلوچ ۽ ظهور بليدي هوندا.

سنڌ جي تعليمي ادارن بابت، 14 مارچ شام جو ستين وڳي، يونيورسٽيون سنڌ کي ڇاپيون ڏين جي سِري هيٺ ويهڪ ٿيندي جنهن جو ميزبان عامر لطيف صديقي هوندو، ڊاڪٽر فتح محمد برفت، محمد علي شيخ، ڊاڪٽر سيد جعفر احمد، اختر بلوچ، حنيد لاکاني مهان طور پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا.

سنڌ ادبي ميلي جي ٻئي ڏرينهن 15هين مارچ تي صبح 11  هين وڳي شيدي بادشاهه هم بادشاهه جي سِري هيٺ ويهڪ ٿيندي، جنهن ۾ سنڌ ۾ آباد شيدي برادري جي تاريخ، ثقفت سميت مختلف رخن تي بحث ڪيو ويندو، هن ويهڪ جو ميزبان جوڳي خالد هوندو، ميزبانن ۾ ايم پي اي تنزيلا قمبرڻي، ڊاڪٽر محرم قمبراڻي، شيدي يعقوب قمبراڻي، آغا محمد، شهناز شيدي ۽ وفا مولابخش هوندا، ويهڪ ۾ سوالن جوابن جو وقفو به ٿيندو.

پندرهين مارچ تي 4 وڳي شام جو هوٽل جي مين لان تي ٽائون پلاننگ اينڊ اربن مئنيجمينٽ جي عنوان سان پروگرام ٿيندو، جنهن جو ميزبان سارنگ اعجاز منگي هوندو، ويهڪ ۾ وفاقي وزير اسد عمر، ناليوارو آرڪيٽيڪچر عارف حسن، اڳوڻو ڪمشنر ۽ محقق فهيم الزمان، ۽ سنڌ جوا اڳوڻو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ سميت اهم عهدن تي رهندڙ غلام سرور کيڙو هوندو، هن ويهڪ ۾ سنڌ جي مختلف شهرن خاص طور تي راڄڌاني ڪراچي شهر جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي ٽائون پلاننگ/ شهري منصوبابندي بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا.

ساڳئي آچر ڏينهن، نئين پيڙهي ۽ سندن خيال جي موضوع تي ويهڪ منجهند جو 2 وڳي ٿيندي،جنهن ۾ موضوع جو تعارف لطيف گاد ڪرائيندو ۽ ويهڪ جي ميزباني ڪندو، هن ويهڪ جي مهمانن ۾ سنڌو نواز گهانگهرو، وجدان شاهه، علي رضا سومرو، ماريا سومرو، شهريار مهر، جاويد احمد سولنگي، پنهنجن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا ۽ سوالن جوابن جي وقفي دوران شريڪ ماڻهن جي سوالن جا جواب ڏيندا. علمي ادبي ادارن جي ڪارڪردگي بابت هڪ ويهڪ منجهند جو 3وڳي ٿيندي، جنهن جي ميزباني جا فرض ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو ادا ڪندو، ڊاڪٽثر فهميدا حسين، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، نصير مرزا ۽ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو موضوع بابت ڄاڻ مهيا ڪندا ۽ سوالن جا جواب ڏيندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *