Friday , April 19 2024

چونڊون 2 مهينا ملتوي ڪيووڃن: عبدالقدوس بزنجو

ڪوئيٽا ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) بلوچستان جي وڏي وزير صوبي ۾ عام چونڊون ٻه مهينا ملتوي ڪرڻ جو مطالبوڳ ڪري ڇڏيو آهي. عبدالقدوس بزنجو بلوچستان اسيمبلي ۾ هڪ رٿ پيش ڪري ڇڏي آحي. رٿ ۾ اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته، امن امان جي صورتحال سبب بلوچستان ۾ عم چونڊون 2 مهينن لاءِ ملتوي ڪيون وڃن. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو جي اهڙي رٿ بلوچستان اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي وئي آهي. رٿ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جولاءِ مهيني دوران چوماسي جي برساتن سبب صوبي ۾ صورتحال خراب ٿي ويندي آهي. امن امان  جي صورتحال به ڪجهه علائقن ۾ وڌيڪ بهتر ٿي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *