Saturday , April 20 2024

چونڊن جو شيڊيول اچڻ کان اڳ نوڪرين تي پابندي ڇو؟:سپريم ڪورٽ پاران اليڪشن ڪميشن کان وضاحت طلب

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن پاران عام چونڊن جو شيڊيول جاري ٿيڻ کان اڳ ئي سرڪاري نوڪرين تي پابندي لاڳو ڪرڻ واري معاملي تي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي، سپريم ڪورٽ پاران سرڪاري نوڪرين ۾ ڀرتين تي پابندي بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي ڪارروائي دوران اٽارني جنرل ۽ چئني صوبن جي اٽارني جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي رپورٽ به طلب ڪئي آهي، چيف جسٽس، جسٽس ٿاقب نٿار ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته، شفاف ۽ وقت تي چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، نوڪرين تي پابندي لڳائڻ سان ڪٿي حڪومتي ڪاروهنوار متاثر نه ٿيندو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جسٽس عمر عطاءَ بنديال ۽ جسٽس اعجاز الاحسن سميت ٽه رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن طرفان سرڪاري ادارن ۾ نوڪرين ۽ ترقياتي منصوبن تي پابندي بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇا ڪئي ته ڪهڙي قانون تحت اليڪشن ڪميشن طرفان ڀرتين تي پابندي لڳائي وئي، ڇا اليڪشن ڪميشن جي پابندي انهن ادارن تي به لاڳو ٿيندي؟. جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته وفاقي حڪومت ڀرتين تي اجازت گهري هئي.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته پهرين ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن وٽ پابندي لڳائڻ جو اختيار ڪٿان کان آيو ۽ ڀرتين تي پابندي جو اختيار ڪهڙي قانون ۾ آهي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته آرٽيڪل 218 تحت شفاف چونڊن جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي ۽ اليڪشن ايڪٽ 217 به اليڪشن ڪميشن کي اختيار ڏئي ٿو. چيف جسٽس پڇا ڪئي ته اسيمبليون ٽٽڻ کان اڳ ڇا اهڙو حڪم ڏئي سگهجي ٿو، ڇا اهڙو فيصلو حڪومتي معاملن کي متاثر نه ڪندو، ڇا اليڪشن ڪميشن جي اهڙي اختيار بابت ڪو عدالتي فيصلو موجود آهي؟ چيف جسٽس چيو ته پاڻمرادي نوٽيس وٺڻ جو مقصد اوهان کي ٻڌائي ڇڏيان ٿو، اليڪشن ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي ۽ ايندڙ چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن.  چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڀرتين تي پابندي واري فيصلي جي وضاحت ضروري آهي. عدالت اٽارني جنرل ۽ سمورن ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *