Tuesday , April 23 2024

چمبڙ ۾ پاڻي کوٽ خلاف کدڙي فقير آبپاشي عملدار بڻجي احتجاج

ٽنڊو الهيار ( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) چمبڙ ۾ چاڪر شاخ جي پوڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف اڄ 5  ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. آبادگارن انور رند، مرڪ لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کدڙي فقير کي آبپاشي جو فرضي آفيسر بڻائي انوکو احتجاج ڪيو . ان موقعي تي احتجاج ۾ کدڙي فقير آبپاشي آفيسر جو ڪردار ادا ڪندي تاڙي وڄائيندي چيو ته مون پاڻي وڪڻي ڇڏيو آهي توهان برساتون پوڻ جون دعائون ڪيو. مظاهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ آبپاشي عملدارن خلاف نوٽيس وٺي پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *