Saturday , April 20 2024

ڄام خان شورو خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو

زمينن جي  غيرقانوني الاٽمينٽ: اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ سندس مبينا فرنٽ سوڌو 14 ڄڻن خلاف ڪرپشن ريفرنس تيار

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) نيب کي اهم ثبوت ملي ويا، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ مڪاني ادارن جي اڳوڻي وزير ڄام خان شورو خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل ڪرڻ جو حتمي فيصلو. نيب جي جاچ آفيسر ۽ پراسيڪيوٽر ۽ نيب عملدارن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، نيب جي جاچ آفيسر ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته،  اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شورو سوڌو 14 جوابدارن خلاف سرڪاري زمين جي غيرقانوني طريقي سان الاٽ ڪرڻ ۽ آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ جو ريفرنس تيار ڪيو ويو آهي، منظوري لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي اماڻيون ويو آهي. عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته، ڄام خان شورو خلاف تيار ڪيل ريفرنس ۾ سندس مبينا فرنٽ مين محمد بچل، اصغر ميمڻ، محمد حسين، امتياز علي، شاهنواز سومرو، فدا حسين، سبحان علي، عبدالمالڪ کتري، محمد انور، ذيشان قريشي ۽ اختر علي کي به جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.

نيب جي جاچ آفيسر ريفرنس جي حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ڄام خان شورو سوڌو ٻين جوابدارن خلاف ريفرنس منظوري لاءِ اسلام آباد هيڊ ڪوارٽر ڏانهن موڪليو ويو آهي. غيرقانوني الاٽمينٽ جا ثبوت مليا ويا آهن ۽ جوابدارن قومي ناڻي کي نقصان پهچايو. عدالت نيب کي جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *