Saturday , April 20 2024

ڀارت هوڏ تان لهي ويو، پلواما واقعي جا ثبوت پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيا: پرڏيهي ترجمان فيصل

 

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيٺ ڀارت هوڏ تان لهي والاريل ڪشيمر جي پلواما واري علائقي ۾ ڌماڪي جا مبينا ثبوت پاڪستان جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جنگ مسئلن جو حل ناهي معاملا آخرڪار ڳالهين ذريعي ئي حل ڪيا ويندا آهن، پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته، ڀارتي ثبوتن جو جائزو وٺڻ بعد ئي فيصلو ڪيو ويندو ته اُهي عمل جوڳا آهن يا نه. ڀارت پاران پلواما واقعي جا ثبوت پاڪستان حوالي ڪرڻ واري اعلان  کانپوءِ پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل تصديق ڪري ڇڏي آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته، ڀارتي سرڪار پلوامه حملي بابت ڊوزيئر پاڪستان ڏانهن اماڻيا آهن، جيڪي کين ملي چڪا آهن. ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان اماڻيل ثبوتن جو قانوني رخن کان جائزو ورتو ويندو، جيڪڏهن ثبوت ايڪشن کڻڻ جي قابل هوندا ته پاڪستان ضرور ڪارروائي ڪندو. پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارت پائليٽ اڀي نندن جي گرفتاري وارو معاملو اٿاريو آهي، کيس جنگي قيدي جو درجو ڏيڻو آهي يا نه، ان حوالي سان فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو.

پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته، ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج جي او آءِ سي جي اجلاس ۾ شرڪت جي صورت ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ساڳي اجلاس ۾ نه ويندو.واضح رهي ته پلوامه حملي ۾ ڀارت جا 40 کان وڌيڪ فوجي مارجي ويا هئا، ٻئي پاسي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جنگون مسئلا جو حل ناهن، تباهي کانپوءِ به ويهي گالهيون ڪرڻيون پونديون آهن، مهذب دنيا ۾ واحد رستو ڳالهيون ئي هوندو آهي. شاهه محمود قريشي امريڪي صدر جي بيان جي آجيان ڪئي ۽ سندس ٿورا مڃيندي چيو ته ٽرمپ جي بيان کي سٺي انداز ۾ وٺڻ گهرجي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته، موجوده صورتحال ۾ امريڪي مداخلت خطي ۾ امن امان لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. پاڪستان ڪشمير سميت سمورن مسئلن تي ڳالهين لاءِ تيار آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *