Thursday , April 18 2024

ڀارت جي مشهور هندو مذهبي پيشوا آسرام باپو تي عورتن کي جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ جو ڏوهه ثابت

نئين دهلي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارت هڪ مقامي عدالت ٻن عقيدتمند عورتن کي جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ تي هڪ هندو مذهبي پيشوا آسرام باپو کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، عدالت جيئين ئي کيس سزا ٻڌائي ته هُو عدالتي ڪمري جي فرش تي ڪري پيو. ڀارت جي مشهور هندو ڌرم جي 77 سالن جي گرو کي عورتن سان جنسي ڏاڍائي واري ڪيس کي گذريل وڏي عرصي کان منهن ڏئي رهيو هو. ڀارت جي مقامي عدالت ۾ مٿس هلندڙ جنسي ڏاڍائي واري ڪيس ۾ پڪيو شاهديون پيش ڪيو ويون. عدالت ۾ هندو گرو آسرام باپو پنهنجي بچاءَ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا به شاهدي پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ۽ عدالت کيس ڏوهي قرار ڏئي 20 سال قيد / عمر قيد جي سزا ٻڌائي. عدالت جيئن ئي کيس سزا ٻڌائي ته هُو ڍڪرجي ڪري پيو، جنهن کي سهارو ڏئي اٿاريو ويو.

مقامي عدالت جي جج فيصلو ٻڌائيندي چيو ته 77 ورهين جي گرو تي ڇوڪريءَ کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو ڏوهه ثابت ٿي ويو آهي. آسارام 2013ع ۾ پنهنجي هڪ 16 ورهين جي پيروڪار ٻن عورتن کي جوڌپور جي آشرم ۾ هوس جو نشانو بڻايو هو. امڪاني احتجاج سبب ان ڪيس جي ڪارروائي راجسٿان رياست جي هڪ جيل ۾ مڪمل ڪئي وئي. آسارام ۽ سندس پٽ تي جنسي زيادتي جو هڪ ٻيو ڪيس به قائم آهي. واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ آسارام جا 4 سئو کان وڌيڪ آشرم آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *