Friday , April 19 2024

ٿر ۾ ڪيليفورنيا جي پروفيسر پاران اسڪول قائم

ٿر ۾ تعليم جي تباهي سنڌ حڪومت جي نظر کان اوجهل، ڪيليفورنيا جي پروفيسر پهچي وئي

ڏاهلي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ٿر ۾ تعليم جي سهنولتن جي اڻهوند ۽ موجود اسڪولن جي حالت زار سنڌ حڪومت جي تعليمي ايمرجنسي باوجود نظرن کان اوجهل آهي پر ڪيليفورنيا واسڻ پروفيسر پاران ڏاهلي جي ڳوٺ ڪوجهو سومرو ۾ انگريزي ميڊديم پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو هي، جنهن ۾ تعليمي عمل به شروع ٿي ويو آهي. ڏاهلي تعلقي ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ۽ تعليمي نظام جي تباهي بابت ڳوٺ ڪوجهو سومرو واسي نوجوانن پاران وڊيو سماجي رابطن جي مختلف سائيٽس تي وائرل ڪرڻ کانپوءِ  ڪيليفورنيا واسڻ پروفيسر ڊاڪٽر گيون فاين اسٽون ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني پروفيسر انيلا علي گڏيل طور تي ڳوٺ ڪوجهو سومرو ۾ قائم ڪيل پرائمري انگلش ميڊيم اسڪول جو افتتاح پڻ ڪيو ويو  آهي.ساڍا ٽي سئو کان وڌيڪ گهرن تي مشتمل هن ڳوٺ ۾ قائم ڪيل هن اسڪول ۾ شاگردن کي ڪتاب ۽ استاد جي کوٽ کي پوري ڪرڻ لا ڪيلفورنيا سائوڌرن يونيورسٽي جي پروفيسر پاران مالي سهڪار ڪيو ويو آهي.

ان موقعي تي پروفيسر انيلا علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿر ۾ تعليم جي سهولتن جي کوٽ هجڻ سبب هن پاڻمرادو اسڪولن ۾ استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ کي پورو ڪنداسين. هن چيو ته ٿر سميت مختلف علائقن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ وڌيڪ اسڪول به قائم ڪيا ويندا. ڳوٺ ڪوجهو سومرو جي رهواسين جو چوڻ هو ته اسان خوشنصيب آهيون جو اسان سان هنن تعاون ڪيو ۽ اسڪول ۾ بنيادي سهولتون ڏنيون آھن. هنن چيو ته تعليم کاتي سنڌ جي اختيارين توڙي چونڊيل عوامي نمائندن کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون پر اليڪشن کانپوءِ ڪير به سار لهڻ وارو ناهي هوندو، عوامي نمائندن کي هڪ  اليڪشن کانپوءِ وري ٻي اليڪشن ۾ ياد ايندا آهيون ۽ هر ڀيري ساڳيا واعدا ئي نصيب ٿيندا آهن.

اڃا چئو ٿا اسان جي لهجي ۾ تخليون ڇو آهن؟ پر ! اسان ته اڃا به نرم لهجي ۾ آهيون – اصغر آزاد

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *