Tuesday , April 16 2024

ٿر جي سياست وري به اربابن حوالي، ارباب رحيم اڪيلو ٿيڻ بعد هٿ پير هڻڻ لڳو

pir pagaroarbab rahim oldarbab lutufullah

ڪراچي: ٿر واسين تي لڳ ڀڳ هڪ صدي کان راڄ ڪندڙ ارباب خاندان جي ساست جو پلڙو پيپلز پارٽيءَ جي پاسي هليو ويو آهي. اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جو ڀائيٽيو ارباب لطف پنهنجي چاچي کي اڪيلو ڪري ارباب خاندان جي سخت مخالف پ پ ۾ شامل ٿي ويو آهي. ارباب لطف جي پ پ ۾ شموليت بعد ارباب غلام رحيم سياسي طور تي ويڳاڻپ کان بچڻ لاءِ سياسي پليٽفارم جي ڳولا شروع ڪندي هڪ ڀيرو وري نواز ليگ ڇڏي ڪنهن ٻي سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻڻ شروع ڪري ڏنيون آهن.

ارباب غلام رحيم سياسي طور زنده رهڻ ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لاءِ في الحال فنڪشنل ليگ جي ڇٽي هيٺان وڃڻ لاءِ رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، ارباب غلام رحيم فنڪشنل ليگ کي سياسي پناھ گهر طور استعمال ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. هن فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳارو سان رابطو ڪري ملاقات جو وقت گهريو آهي، جنهن کيس ڪجھ ڏينهن بعد ملاقات جو چيو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته فنڪشل ليگ جي هڪ لابي ارباب رحيم کي پارٽي ۾ شامل ڪرڻ تي اعتراض واريندي وڌيڪ اختيار پارٽي سربراھ پير پاڳارو ۽ صدرالدين شاهه حوالي ڪيا آهن. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ف ليگ ۾ موجود ڪجح اهم ماڻهن جن جو اڳوڻي صدر آصف زرداري ڏانهن نرم رويو آهي انهن به ارباب رحيم جي پارٽي ۾ شموليت تي اعتراض واريا آهن.

ٿر وري به موروثي سياست ۽ عوام جي رد ڪيل ڌر حوالي ٿي ويو: تجزيا نگار رياض سهيل

Riaz Sohail

ٿر سان واسطو رکندڙ سينئر صحافي ۽ تجزيانگار رياض سهيل جو چوڻ آهي ته، ٿر جي سياست جيڪا مورثيت جي ڄار مان نڪري رهي هئي پيپلز پارٽي وري ان ۾ ساھ وجهي شڪتي ڏني آهي. ارباب لطف جي پ پ ۾ شامل ٿيڻ سان ٿر جي هيٺئين طبقي سان واسطو رکندڙ اقليتي برادري سان گڏ ننڍين ننڍين برادرين مٿان هڪ ڀيرو وري ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قابض خاندان کي مڙهيو ويو آهي، جنهن جو فائدو پ پ کي ڀلي ملي پر عام ماڻهو جيڪو ٿر جي سياست ۾ تبديلي چاهي پيو ان کي وري 30 سال پوئتي ڌڪيو ويو آهي.

تجزيانگار رياض سهيل سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ٿر جي اقليتي برداري جي مٿئين طبقي سان واسطو رکندڙ پ پ اڳواڻن ڪڏهن به اربابن سان ڦٽائڻ ناهي چاهيو، ڪنهن به تضاد يا مقابلي واري صورتحال ۾ اُنهن هميشه ارباب خاندان ڏانهن يا ته رويو نرم رکيو يا وري مقابلي لاءِ ڪنهن ٻئي کي سامهون آندو، اهڙا کوڙ مثال آهن. خاص طور تي جڏهن ارباب رحيم شوڪت عزيز کي ٿر مان ننڍي چونڊ ۾ اميدوار طور سامهون آندو هو ته، ٿر سان واسطو رکندڙ پ پ جي مٿئين طبقي سان واسطو رکندڙ اقليتي اڳواڻن اهو ڪردار ادا نه ڪيو جيڪو کين ڪرڻ گهربو هو ۽ انهن وري به ٻئي ماڻهو کي سامهون آندو. رياض سهيل جي دعويٰ آهي ته ٿر مان پ پ جي ضلعي صدارت مهيش ملاڻي جي هٿن مان نڪرڻ بعد انهن ۽ پ پ جي سيد گروپ گڏيل صلاح مشوري سان ارباب لطف الله کي پ پ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ پارٽي اندر لابنگ شروع ڪئي، جنهن ۾ اُهي ڪامياب ويا.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *