Saturday , April 20 2024

پ پ پاران رضا رباني کان سينيٽر شپ تان استعيفيٰ وٺڻ جو فيصلو،فرحت بابر جي بيان بازي تي به پابندي

ڪراچي(سنڌسماءَچار  نيوز) پاڪستان پيپلز پارتي پاران؛ سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ بعد رضا رباني کان استعيفيٰ ڏيارڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پ پ ذريعن جو چوڻ آهي ته، پارٽي جي اهم اڳواڻ معرفت فرحت الله بابر کي پيغام پهچايو ويو آهي ته هُو ميڊيا کي انٽرويوز سميت ان سان لاڳاپيل سرگرمي کان پاسو ڪري. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ وارو مرحلو مڪمل ٿيڻ جي ڪجهه ڏينهن بعد رضا رباني استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو.

سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل معلومات مطابق، فيصلو ڪيو ويو آهي ته، رضا رباني کان استعيفي ورتي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، رضا رباني 20 مارچ کان فوري طور بعد ۾ يا وري ايندڙ مهيني استعيفيٰ ڏيندو.

پ پ جي هڪ ايم اين اي نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻ ڌايو ته، جيڪڏهن رضا رباني يا ڪو ٻيو پ پ جو سينيٽر استعيفيٰ ڏئي ٿو ته ان جي جاءِ تي  سينيٽر چونڊرائڻ لاءِ ٻن ڄڻن مرتضيٰ وهاب ۽ اياز مهر جو نالو شامل آهي. هن ٻڌايو ته، انهن ٻنهي نالن مان اياز مهر جو نالو وڌيڪ مضبوط آهي، ڇو ته اهو پ پ جي هڪ اهم شخصيت جو انتهائي بااعتماد ۽ ويجهو ماڻهو آهي ۽ مرتضيٰ وهاب جي نالي تي پارٽي قيادت زور ڏئي سگهي ٿي.

پيپلز پارٽي جي ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته پارٽي جي اعليٰ قيادت فرحت الله بابر کي سختي سان هدايت ڪري ڇڏي آهي ته، سينيٽر شپ جي مدي ختم ٿيڻ بعد هُو ميڊيا کي انٽرويو ڏيڻ سميت ڪنهن بهاهڙي سرگرمي کان پاسو ڪري، جنهن سان پارٽي ۽ پارٽي قيادت کي ڳاللهه ناگوار گذري. ذريعن اهو به ٻڌايو ته فرحت الله بابر سينيٽ ۾ ڪيل تقرير کانپوءِ  آصف زرداري رابطو ڪري سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *