Friday , March 29 2024

پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر پاران ايڊز بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ميڊيا کي به صلاح

لاڙڪاڻو(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي صوبائي تڪ پي ايس 10 تان ڪامياب ٿيل ايم پي اي فريال ٽالپر رتو ديرو ۽ نئوندير ۾ ايڊز جو مرض وبائي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ توڙي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به ايڊز جو مرض ظاهر ٿيڻ بابت اهم انڪشاف ڪيو آهي. فريال ٽالپرچيو آهي ته، ايڊز جو مرض ايڏو وڏو نه آهي، ميڊيا کي ان سلسلي ۾ مثبت رپورٽنگ ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽي جي پي ايس 10 تان ڪامياب ٿيل ايم پي اي فريال ٽالپر رتو ديرو ۽ نئون ديرو ۾ ايڊز جي وبا ڦهلجڻ جي انڪشاف کان لڳ ڀڳ هڪ مهينو پوءِ پنهنجي تڪ جي دوري دوران (ڪجهه ڏينهن اڳ) اسپتالن ۾ داخل ايڊز جي مريضن جي عيادت به ڪئي هئي. ان دوران ڳالهائيندي، ايڊز جي مرض بابت عجيب قسم جو موقف اختيار ڪندي پ پ  ايم پي اي فريال ٽالپر جو چوڻ هو ته، ايڊز جو مرض ايڏو وڏو مرض نه آهي، هن ميڊيا کي صلاح ڏيندي چيو ته، ميڊيا به ايڊز جي مرض جي رپورٽنگ دوران محتاط رھي ۽ ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي بابت خوف پيدا ڪرڻ بدران مثبت رپورٽنگ ڪرڻ گھرجي. فريال ٽالپر جو چوڻ هو ته، ميڊيا پاران ايڊز جي مرض بابت ايترو نمايان خبرون هلائڻ سان ماڻهن ۾ خوف پيدا ٿئي ٿو.

سنڌ ۾ ايڊز جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ڊاڪٽر آن دي رڪارڊ ڳالهائڻ کان گهٻرائڻ لڳا

سهراب ڳوٺ، گلشن بهار، ڪياماڙي، قائدآباد، سهراب ڳوٺ ۾ به ايڊز وائرس موجود

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *