Tuesday , April 23 2024

پ پ سنڌ سان اهڙو حشر ڪيو آهي جيڪو ڪنهن ڊڪٽيٽر به نه ڪيو: اياز لطيف پليجو

لاڙڪاڻو(سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته پ پ سنڌ سان اهڙو حشر ڪيو آهي، جيڪو ضياءَ الحق ۽ مشرف به نه ڪري سگهيا هئا، اربين روپين جا ڪم رڳو ڪاغذن ۾ ڏيکاري گهٽيون، رستا، ننڍا وڏا شهر ۽ ڳوٺ کنڊر بڻايا ويا آهن. لاڙڪاڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڪرپشن، بدامني، ڪمند جي آبادگارن کي اگهه نه ملڻ، زراعت جي تباهي، ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ اياز لطيف پليجو، انور سومرو، جميل ميمڻ، عنايت تنيو، زينت سمون ۽ امير زادي برهماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ محبت سنڌ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۽ ظفر لاڙ جي پهرين ورسي واري تقريب کي خطاب ڪندي  اياز لطيف پليجو چيو ته پ پ سنڌ سان اهو حشر ڪيو آهي، جيڪو آمر ضياءَ الحق ۽ پرويز مشرف به نه ڪري سگهيا هئا. اربين روپين جا ڪم ڪاغذن ۾ ڏيکاري گهٽيون، رستا، ننڍا وڏا شهر ۽ ڳوٺ کنڊر بڻايا ويا آهن، جنهن ڪري عوام سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته حڪمران هارين ۽ مسڪينن جا خواب، درياه، سمنڊ، ٻيٽ، ڪوئلو، جبل، تيل، گيس ۽ ٻين وسيلن سميت هر شئي وڪرو ڪري رهيا آهن. سنڌ جي ٻارن جي حالت ايٿوپيا جي ٻارن کان به بدتر بڻائي وئي آهي، ٿر سميت سڄي سنڌ ۾ معصوم ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ علاج نه ٿيڻ سبب تڙي تڙپي مري رهيا آهن. اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ کي ملندڙ پاڻي ننڍن آبادگارن کي نه ٿو ڏنو وڃي، حڪومتي وزيرن جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ واهن ۽ ڪئنالن مان سڌا واٽر ڪورس ڪڍيا ويا آهن، جنهن ڪري ننڍا آبادگار سخت نقصان کي منهن ڏئي رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *