Friday , April 19 2024

پ پ فيروز بنگالي سميت سنڌ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 160 تڪن تي ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون

لاڙڪاڻو / ڪراچي( بيورو رپورٽر/رپورٽر  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اڪثر تڪن تي ٽڪيٽس جاري  ڪري ڇڏيون آهن، بلاول اين اي 246 ڪراچي ۽ اين اي 200 لاڙڪاڻو، آصف زرداري، اين اي 213 شهيد بينظير آباد ون ۽ فريال ٽالپر لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ پي ايس 10 لاڙڪاڻو ون تان چونڊن ۾ حصو وٺندي، خيرپور جي تڪراري تڪ اين اي 208 تي نفيسه شاهه ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب، نواب وساڻ کي ناڪامي نصيب ٿي آهي.

پيپلز پارٽي پاران جاري ڪيل ٽڪيٽن مطابق پي ايس 9 شڪارپور ٿري تي آغا سراج دراني، پي ايس 11 لاڙڪاڻو ٽو تي نثار کهڙو،پي ايس 12 لاڙڪاڻو ٿري تي سهيل انور سيال کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. عمران خان سان ڪراچي ۾ مقابلي جي لاءِ پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا کي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 243 ڪراچي جي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي  جي اڳوڻي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه کي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 206 سکر ون تي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. پي ايس 23 سکر ٽو تي سيد اويس قادر شاهه، پي ايس 22 سکر ون تي ڄام اڪرام الله ڌاريجو، سکر جي هڪ ٻي قومي اسيمبلي جي سيٽ سينيٽر اسلام الدين شيخ جي پٽ ۽ سکر جي ميئر جي ڀاءُ نعمان اسلام الدين شيخ کي اين اي 207 تي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. پي ايس 25 سکر تي اڳوڻي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي ٻيون ڀيرو لاٽري کُلي وئي آهي ۽ پي ايس 24 سکر ٿري تي سيد فرخ شاهه پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهندو.

پي ايس 37 شهيد بينظير آباد ون تي عذرا پيچوهو، پي ايس 82 ڄامشورو ٿري تي ملڪ اسد سڪندر، اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پي ايس 80 ڄامشورو قانون واري اڳوڻ ي صوبائي وزير ضياءَ لنجار کي پي ايس 36 نوشهرو فيروز تي تي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. پيپلز پارٽي 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾، بدين ۾ جي ڊي اي جي اميدوار ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي مقابلي ۾ پي ايس 74 بدين اسماعيل راهو کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. جيڪب آباد جي قومي تڪ اين اي 196 جيڪب آباد تي مير اعجاز حسين جکراڻي، اين اي 201 لاڙڪاڻو ٽو تي خورشيد جوڻيجو چونڊ وڙهندو. جيڪب آباد ضلعي جي پي ايس ون تان مير اورنگزيب پنهور چونڊ وڙهندو، پي ايس 2 جيڪب آباد تان ڊاڪٽر سهراب سرڪي ۽ اين اي 197 ڪشمور تي احسان مزاري کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. پي ايس 4 ڪشمور ون تي عبدالرئوف کوسو، پي ايس 5 ڪشمور ٽو تي غلام عابد سُندراڻي، پي ايس 6 ڪشمور ٿري تي مير شبير بجاراڻي، اين اي 196 شڪارپور ون تي مير عابد ڀيو، پي ايس 7 شڪارپور ون تي امتياز شيخ کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. اين اي 199 شڪارپور ٽو تي ذوالفقار ڪماريو، پي ايس 8 شڪارپور ٽو تي معين الدين پهوڙ، پي ايس 13 لاڙڪاڻو فور تي حزب الله ٻگهيو، اين اي 204 گهوٽڪي ون تي خالد خان لنڊ کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. پي ايس 18 گهوٽڪي ون تي ڄام مهتاب ڏهر، پي ايس 19 گهوٽڪي ٽو تي عبدالباري پتافي، اين اي 205 گهوٽڪي ٽو تي احسان الله سُندراڻي، پي ايس 20 گهوٽڪي ٿري تي سردار محمد بخش مهر، پي ايس 21 گهوٽڪي فور تي علي نواز خان مهر کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي.

اين اي 211 نوشهروفيروز ون تي سيد ابرار علي شاهه، پي ايس 33 نوشهروفيروز ون تي سرفراز حسين شاهه، پي ايس 34 نوشهروفيروز ٽو تي سيد مراد علي شاهه سينئر، اين اي 212 نوشهروفيروز ٽو تي ذوالفقار بهڻ کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. پي ايس 35 نوشهروفيروز ٿري تي ممتاز چانڊيو چونڊ وڙهندو. پي ايس 107 ڪراچي تي جاويد ناگوري، پي ايس 108 ڪراچي تي حاجي عبدالمجيد، پي ايس 109 ڪراچي تي عبدالرشيد نوراني، اين اي 247 ڪراچي تي عزيز ميمڻ کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. پي ايس 78 ٺٽو تي علي حسن زرداري کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي.  پي ايس 110 ڪراچي تي سيد نجمي عالم، پي ايس 111 ڪراچي تي مرتضيٰ وهاب، اين اي 248 ڪراچي تي عبدالقادر پٽيل چونڊ، پي ايس 112 ڪراچي ويسٽ ون تي لياقت علي آسڪاڻي، پي ايس 113 ڪراچي تي همايون خان پ پ جا اميدوار هوندا. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 ڪراچي تي قادر خان مندوخيل، پي ايس 115 ڪراچي تي ڪي ايس مجاهد بلوچ، پي ايس 116 ڪراچي تي گل فاروق آفريدي، اين اي 250 ڪراچي تي علي احمد، پي ايس 114 ڪراچي تي مير طالب بروهي کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. پيپلز پارٽي پي ايس 120 ڪراچي تي نصيب الرحمان چونڊ، اين اي 251 ڪراچي تي حاجي محمد جميل زمان، پي ايس 117 ڪراچي تي وسيم اختر،

پي ايس 118 ڪراچي تي شاهده رحماني کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. پي ايس 119 ڪراچي تي آغا ظاهر شاهه چونڊن ۾ پ پ جو اميدوار هوندو. ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 253 تي امجد الله خان، پي ايس 123 ڪراچي تي فيصل شيخ، پي ايس 124، شميم ممتاز، اين اي 254 ڪراچي تي دانش ترابي، پي ايس 125 ڪراچي تي ادريس عبدالله کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. پي ايس 126 ڪراچي تي جاويد جيلاني، اين اي 255 ڪراچي تي ظفر صديقي، پي ايس 127 ڪراچي تي عبدالصمد سردار، پي ايس 128 ڪراچي تي عارف حسين قريشي، اين اي 256 ڪراچي تي ساجد حسن، پي ايس 129 ڪراچي تي دل محمد خان، پي ايس 130 ڪراچي تي شاهد حسين، اين اي 239 ڪراچي تي سيد عمران حيدرعابدي، پي ايس 92 ڪراچي تي رحمان وحيد باجوا،  پي ايس 93 ڪراچي تي انجم نظير، پي ايس 98 ڪراچي تي هارون خٽڪ، اين اي 240 تي شيخ محمد فيروز، پي ايس 94 ڪراچي تي مسمات گل رعنا،  پي ايس 95 ڪراچي تي مسمات رفيعا عباسي، اين اي 241 ڪراچي تي معظم علي قريشي، پي ايس 96 ڪراچي تي اسد مجاهد، پي ايس 97 ڪراچي تي نعيم شيخ کي پ پ ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

اين اي 242 ڪراچي تي اقبال ساند، پي ايس 99 ڪراچي تي لالا رحيم، پي ايس 100 ڪراچي تي تاج محمد وساڻ، اين اي 243 ڪراچي تي شهلا رضا، پي ايس 101 ڪراچي تي ايوب کوسو، پي ايس 102 ڪراچي تي رياض بلوچ، اين اي 244 ڪراچي تي ڪرنل اسد نيازي، پي ايس 103 ڪراچي تي شهزاد ميمڻ، پي ايس 119 ڪراچي تي آغا ظاهر شاهه کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. اين اي 253 ڪراچي تي امجد الله خان، اين اي 236 ملير تي ڄام عبدالڪريم جوکيو، پي ايس 87 ملير تي ساجد جوکيو کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. اين اي 237 ملير تي عبدالحڪيم بلوچ، پي ايس 88 ملير تي غلام مرتضيٰ بلوچ، پي ايس 89 ملير تي سليم بلوچ،  اين اي 238 ملير تي آغا رفيع الله، پي ايس 90 ملير تي راجا رزاق، پي ايس 91 ملير تي محمود عالم ڄاموٽ کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي.

پي ايس 38 شهيد بينظير آباد تي طارق مسعود آرائين، اين اي 214 شهيد بينظير آباد تي سيد غلام مصطفيٰ شاهه، پي ايس 39 شهيد بينظير آباد تي غلام قادر چانڊيو، پي ايس 40 شهيد بينظير آباد تي خان محمد ڏاهري، اين اي 218 ميرپورخاص تي پير حسن علي شاهه، پي ايس 47 ميرپور خاص تي هري رام، پي ايس 48 ميرپورخاص تي سيد ذوالفقارعلي شاهه، اين اي 219 ميرپورخاص تي مير منور علي ٽالپر، پي ايس 49 ميرپورخاص تي نور احمد ڀرڳڙي، پي ايس 50 ميرپور خاص تي حاجي حيات ٽالپر، اين اي 220 عمرڪوٽ تي يوسف ٽالپر، پي ايس 51 عمرڪوٽ تي سيد سردار شاهه کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. پي ايس 52 عمر ڪوٽ تي سيد علي مردان شاهه، پي ايس 53 عمرڪوٽ تي تيمور ٽالپور، اين اي 221 ٿرپارڪر تي پير نور محمد شاهه جيلاني، پي ايس 54 ٿرپارڪر تي دوست محمد راهمون، پي ايس 55 ٿرپارڪر تي قاسم سراج سومرو کي پ پ پاران ٽڪيٽ ڏني وئي آهي.

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 223 مٽياري تي مخدوم جميل الزمان کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي، پي ايس 58 مٽياري تي مخدوم محبوب زمان، پي ايس 59 مٽياري تي مخدوم رفيق الزمان،اين اي 224 ٽنڊو الهيار تي ذوالفقار ستار بچاڻي پي ايس 60 ٽنڊو الهيار تي سيد ضياءَ عباس شاهه، پي ايس 61 ٽنڊو الهيار تي امداد پتافي چونڊ وڙهندو کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. اين اي 225 حيدرآباد تي سيد حسين طارق ڄاموٽ کي ٽڪيٽ جاري، پي ايس 62 حيدرآباد تي ڄام خان شورو، پي ايس 63 حيدرآباد تي شرجيل ميمڻ  کي ٻيهر ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. اين اي 226 حيدرآباد تي علي محمد سهتو، پي ايس 24 حيدرآباد تي عبدالجبار خان، پي ايس 65 حيدرآباد تي سليم آرائين چونڊ وڙهندو، اين اي 227 حيدرآباد تي عرفان گل مگسي کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. پي ايس 66 حيدرآباد تي مختيار احمد ڌامراهه، پي ايس 67 حيدرآباد تي محمد صغير قريشي، اين اي 228 ٽنڊو محمد خان تي سيد نويد قمر الزمان شاهه، پي ايس 68 ٽنڊو محمد خان تي سيد اعجاز شاه بخاري، پي ايس 69 ٽنڊو محمد خان تي عبدالڪريم سومرو، اين اي 229 بدين تي مير غلام علي ٽالپر،  پي ايس 70 بدين تي بشير هاليپوٽو، پي ايس 71 بدين تي الهه بخش ٽالپر چونڊ وڙهندو. پي ايس 72 بدين تي سيد علي بخش شاهه عرف پپو شاهه کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. پي ايس 104 تي سعيد غني کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي.

اين اي 230 بدين تي حاجي رسول بخش چانڊيو، پي ايس 73 بدين تي تاج محمد ملاح،اين اي 231 سجاول تي سيد اعجاز علي شاهه شيرازي، پي ايس 75 سجاول تي شاهه حسين شاهه شيرازي، پي ايس 76 سجاول تي محمد علي ملڪاڻي، اين اي 232 ٺٽي تي شمس النساءَ ميمڻ،  پي ايس 77 ٺٽو تي رياض حسين شيرازي، پي ايس 78 ٺٽو تي حاجي علي حسن زرداري. پي ايس 79 ٺٽي تي ڄام اويس خان جوکيو، اين اي 233 ڄامشورو تي سڪندر راهپوٽو، پي ايس 81 ڄامشورو تي گيان چند ايسراڻي چونڊ وڙهندو، اين اي 234 دادو تي عمران ظفر لغاري، پي ايس 83 دادو تي عبدالعزيز جوڻيجو،  پي ايس 84 دادو تي فياض علي ٻٽ کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. اين اي 235 دادو تي رفيق جمالي،  پي ايس 85 دادو تي پير مجيب الحق،  پي ايس 86 دادو پير غلام شاهه جيلاني.

پيپلز پارٽي پاران جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب خيرپور، سانگهڙ ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن جي اميدوارن جا نالا به فائنل ڪيا ويا آهن. اين اي 208 خيرپور 1 تي نفيسه شاهه،  پي ايس 26 خيرپور 1 تي قائم علي شاهه، پي ايس 27 خيرپور 2 تي منظور وساڻ، اين اي 209 خيرپور 2 تي سيد فضل علي شاهه، پي ايس 28 خيرپور 3 تي ساجد ٻانڀڻ،  پي ايس 29 خيرپور 4 تي شيراز راڄپر، اين اي 210 خيرپور 3 تي سيد جاويد علي شاهه،  پي ايس 30 خيرپور 5 تي پير فضل علي شاهه، پي ايس 31 خيرپور 6 تي نعيم کرل کي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن. پي ايس 32 خيرپور 7 تي نواب وساڻ چونڊ وڙهندو. اين اي 215 سانگهڙ 1 تي نويد ڏيرو، پي ايس 41 سانگهڙ 1 تي معشوق علي چانڊيو چونڊ وڙهندو. پي ايس 46 سانگهڙ تي 6 رانا عبدالستار، اين اي 216 سانگهڙ 2 تي شازيه عطا مري، پي ايس 42 سانگهڙ 2 تي علي حسن هنڱورو، پي ايس 43 سانگهڙ 3 تي ڄام مدد علي کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. اين اي 217 سانگهڙ 3 تي روشن جوڻيجو، پي ايس 44 سانگهڙ 4 تي فراز ڏيرو، پي ايس 45 سانگهڙ 5 تي شاهد ٿهيم، اين اي 202 قمبر شهدادڪوٽ 1 تي آفتاب شعبان ميراڻي، پي ايس 14 قمبر شهدادڪوٽ 1 تي نادر مگسي کي، پي ايس 15 قمبر شهدادڪوٽ 2 تي گهنور اسراڻ، اين اي 203 قمبر شهدادڪوٽ 2 تي عامر مگسي، پي ايس 16 قمبر شهدادڪوٽ تي سردار خان چانڊيوکي پيپلز پارٽي جون ٽڪيٽس جاري ڪيون ويون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *