Friday , March 29 2024

پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو کان ووٽر جو پڇاڻو، جواب ڏئي نه سگهيو

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي شهر جي ريشم گهٽي/بازار ۾ چونڊ مهم دوران ووٽر پاران پ پ سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي سينئر صوبائي وزير نثار گهرو کان سخت آڏي پڇا ڪئي. دوڪاندار نثار کهڙي کان پڇاڻي جي وڊيو سنڌسماءَچار هٿ ڪري ورتي آهي. نثار کهڙوپنهنجي ڌيءُ ۽ صوبائي تڪ پي ايس 11 تي پ پ جي اميدوار ندا کهڙو جي چونڊ مهم هلائي رهيو هو ته نثار کهڙي کي دوڪاندار ووٽ گهرڻ کان اڳ ۾ سوالن جي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.

ووٽر چيو ته اپهان اڳ ۾ آيا هئا ۽ ووٽ گهريو هو، اسان اوهان کي ووٽ ڏنا، ڪاياب ٿي وزير به ٿي ويا. هن چيو ته اوهان وٽ پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ اوهان جي بنگلي تي مسلسل 5 سال پنڌ ڪندا رهياسين پر اوهان نه مليا. هاڻي پنجن سالن کانپوءِ آيا آهيو، اسان اوهان کي ووٽ ڏين ٿه آخر ڇو ڏيون. ووٽر جي اهڙي

سخت آڏي پڇا جو نثار کهڙُ جواب نه ڏئي سگهيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *