Friday , March 29 2024

آزاد حيثيت ۾ بيهندڙ پ پ جا ناراض اڳواڻ جلد هٿ کڻي ويندا

ڊاڪٽر ستار راڄپر                        عبدالحق ڀرٽ

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي پاران سنڌ جي مختلف تڪن تي ٽڪيٽون نه ملڻ تان آزاد حيثيت ۾ فارم جمع ڪرائيندڙ اڳواڻ جلد هٿ کڻي ويندا، پ پ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، ڪجهه اڳواڻ آصف زرداري جي نياپن تي ئي هٿ کڻڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن ۽ ڪجهه ٿي ويندا.پاڪستان پيپلز پارٽي پاران 25 جولاءِ تي پارٽي اڳواڻن ۾ ٽڪيٽس جي ورهاست واري معاملي تان ناراضگين وارو معاملو ڊرامائي انداز ۾ پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي. پ پ جي هڪ سينئر اڳواڻ نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو آهي ته، ”ٽڪيٽس نه ملڻ واري معاملي تي پيدا ٿيل اختلاف ڪجهه ماڻهن پاران پنهنجو اگهه وڌائڻ جي ڪوشش آهي، جنهن جو اثر آصف زرداري تتي ٿيڻو آهي ۽ نه ئي وري پارٽي تي. سمورا اهي اميدوار جيڪي ٽڪيٽ نه ملڻ تي آزاد حيثيت ۾ فارم ڀرائي بيهي رهيا آهن، اهي ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر هٿ کڻي ويندا ۽ ڪنهن کي ڪجهه به نه ملندو“.

    حاجي مظفر شجراع                                                                ڪمال چانگ

 

پ پ جي ان سينئر اڳواڻ چيو ته، جن جن اڳواڻن ٽڪيٽ نه ملڻ تي ناراضگي ظاهر ڪئي آهي. انهن کي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جا ڌار ڌار پيغام پهچي ويا آهن. اهي ڌار ڌار پيغام ڪهڙا آهن واري سوال تي پ پ  جي سينئر اڳواڻ ٻڌايو ته، آصف زرداري جي پيغام ۾ لهجو نرم ۽ فريال ٽالپر جي لهجي ۾ داٻ دڙڪو آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق نوشهرو فيروز مان آزاد حيثيت ۾ فارم جمع ڪرائيندڙ عبدالحق ڀرٽ، ڊاڪٽر ستار راڄپر، فيروز جمالي، ڪراچي مان حاجي مظفر شجراع ۽ بدين مان ڪمال چانگ کي ڪو چيئرمين آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جا پيغام پهچي ويا آهن، جيڪي ڪجهه ڏينهن اندر ئي ”شڪايتون ختم ٿي ويون“ جو چئي هٿ کڻي ويندا. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته، آزاد حيثيت ۾ فارم جمع ڪرائيندڙ ڪجهه اڳواڻ نيب ۾ هلندڙ انڪوائريز، انويسٽيگيشن ۽ نيب ريفرنس سبب پريشان آهن، جنهن ۾ هُو آصف زرداري جي مدد وٺڻ جي چڪر ۾ آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *