Friday , April 19 2024

پ پ جي شاندار حڪومت جو عاليشان مثال – سکر سول اسپتال عملي پاران عورت جو علاج ڪرڻ بدران خانگي اسپتال جو دڳ ڏيکاري ڇڏيو

Suk woman1

شاباش آصف زرداري، خورشيد شاھ ۽ مراد علي شاھ، سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شاندار حڪومت جو هڪ عاليشان مثال سکر ۾ ڏسڻ لاءِ مليو آهي، جتي سول اسپتال جي عملي پاران هڪ غريب عورت جو علاج ڪرڻ بدران کيس ساڳئي اسپتال جي ڊاڪٽر جي خانگي اسپتال کڻي وڃڻ جو مشورو ڏئي واپس روانو ڪري ڇڏيو.

سکر جي هڪ ڳوٺ مان هڪ عورت کي جڏهن وارثن سول اسپتال سکر پهچايو ته اسپتال جي عملي عورت مسمات حاڪم زادي بروهي جو علاج ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو. مسمات حاڪم زادي بروهي سان گڏ هڪ وارث علي احمد بروهي مقامي صحافي کي ٻڌايو ته، حاڪم زادي کي اوچتو ڳلي ۾ سور پيو، جنهن کي سرڪاري سول اسپتال علاج لاءِ آندو. هن ٻڌايو ته هوو انتهائي غريب آهي، انڪري پنهنجي عورت جو علاج خانگي اسپتال ۾ ڪرائڻ جي سگھ بلڪل نه آهي، انڪري ئي سرڪاري اسپتال آيا.

Asif-Ali-Zardari-PPPNasir Shah sukuuerKhursheed-Shah

علي احمد بروهي چيو ته هُو جڏهن حاڪم زادي کي کڻي سول اسپتال پهتا ته اتي موجود عملي جي ماڻهن کيس ٻڌايو ته، اوهان جي عورت جو علاج ڪرڻ وارو ڊاڪٽر 6 ڪلاڪن کانپوءِ ايندو ۽ ان ئي ڊاڪٽر جي خانگي اسپتال به آهي اوهان اتي وڃي علاج ڪرايو ته بهتر ٿيندو

Suk woman2

مسمات حاڪم زادي بروهي سان گڏ آيل سندس وارث ميڊيا کي ٻڌايو ته، هن وٽ ايمبولينس ڪرائڻ جا به ڏوڪڙ نه هئا ۽ انڪري حاڪم زادي کي گڏھ گاڏي تي اسپتال کڻي آيو، هُو 6 ڪلاڪن تائين شهر ۾ رلندا رهيا ته ڪنهن ٻي سرڪاري اسپتال وڃي، ڇوم ته وٽس خانگي اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جي سگھ نه آهي انڪري هُو حاڪم زادي جو علاج ڪرائڻ کانسواءِ ئي واپس ڳوٺ وڃي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *