Saturday , April 20 2024

پ پ اڳواڻ ارباب ابراهيم ميمڻ جي موجودگي ۾ سندس ملازمن جي نوجوان سان بدفعلي؛ بلاول ۽ وڏي وزير ڪو به نوٽيس نه ورتو

نوجوان سان بدفعلي ڪرائيندڙ ارباب ابراهيم پ پ ايم پي اي اويس مظفر ٽپي سان گڏ(سنڌسماءَچار فوٽو)

سجاول ( رپورٽر     سنڌ سماءَ چار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سجاول ضلعي جي بااثر شخص، ارباب ابراهيم ميمڻ پنهنجي موجودگي ملازمن کان نوجوان سان بدفعلي ڪرائي سندس وڊيوز ٺهرايون، جيڪي سوشل ميڊيا تي ظاهر ٿيون ۽وائرل ٿي ويون. نوجوان جو چوڻ آهي ته، جوابدار هاڻي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. پوليس اڃا تائين معاملي جو نه تو ڪو ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ نه ئي وري اين سي داخل ڪئي آهي.

ارباب ابراهيم صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال سان گڏ-سنڌسماءَچار

دڙو شهر ۾ ڪجهه عرصو اڳ پيش آيل واقعي جي وڊيو منظر تي اچي وئي آهي. ان وڊيو مطابق دڙو ۾ هڪ هندو نوجوان ” و – ڪ “، سان پ پ اڳواڻ ارباب ابراهيم جي موجودگي ۾ سندس ٻن ملازمن اسلم گگو ۽ صالح ميمڻ نوجوان سان بدفعلي ڪئي. جوابدارن نوجوان جي وڊيو به ٺاهي، جيڪا مختلف  واٽس ايپ گروپس ۾ شيئر ڪري کيس بليڪ ميل ڪندا رهيا.

ارباب ابراهيم جنرل سيڪريٽري پ پ دڙو

انسانيت لڄائيندڙ واقعي ۾ ملوث پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ ۽ تعلقي بٺوري جو جنرل سيڪريٽري ارباب محمد ابراهيم ميمڻ خلاف اڃا تائين ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿيو ۽ نه ئي سجاول پوليس ان معاملي جو ڪو نوٽيس ورتو آهي. معاملو سوشل ميڊيا تي اچڻ باوجود آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا به اڃا تائين خاموش آهي.

منظر تي آيل ان شرمناڪ عمل جي ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته، جوابدار اسلم گگو ۽ صالح ميمڻ نوجوان کي ڪمري ۾ بند ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائي ۽ ڪپڙن کان آجو ڪري اجتماعي بدفعلي جو نشانو بڻائين ٿا. وڊيو ۾ هڪ بااثر سياسي شخصيت ارباب ابراهيم به نظر اچي ٿو جنهن جي موجودگي بدفعلي ڪندا رهن   ٿا. سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ ۽ بااثرن پاران ڌمڪيون ملڻ بعد نينگر جو ڪٽنب خوف سبب حيدرآباد لڏي ويو آهي.

ٻئي طرف انسانيت کي لڄائيندڙ واقعي خلاف ميرپوربٺورو ۾ شهرين  وحيد حيدر زئور، سڪندر زئور، شاھد سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته دڙو شھر ۾ بااثر جوابدارن نينگر سان اجتماعي زيادتي ڪري انسانيت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن، جنهن جي اسين مذمت ڪيون ٿا.شهرين اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *