Friday , March 29 2024

پ پ ايم پي اي شرميلا فاروقي فريال ٽالپر کان زور ٿي وئي..!!

Sharmeela faroqifaryal talpur

پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرميل فاروقي پنهنجي پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ، ايم اين اي ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر کان زور ٿي وئي آهي. شرميلا فاروقي وٽ 300 تولا سون ۽ فريال ٽالپر وٽ رڳو ٽي لک رپين جو سون آهي.

قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊيل عورت ميمبرن ۾ سون رکڻ جو رجحان وڏي پئماني تي وڌي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل اثاثن موجب شرميلا فاروقي وٽ 300 تولا، روبينا سعادت قائمخاني وٽ 260 تولا سون آهي، جڏهن ته مسرت رفيق مهيسر ۽ شازيه جاويد وٽ سونا زيور آهن ئي ڪونه.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل اثاثن ۾ ڏنل سون جي تفصيلن موجب قومي اسيمبلي ميمبر فريال ٽالپر وٽ رڳو 3 لک جو سون آهي، عذرا فضل پيچوهو 40 تولا سون جي مالڪياڻي آهي، جنهن جي هن ماليت رڳو ڏيڍ لک رپيا ڄاڻائي آهي، ڊاڪٽر فهميده مرزا وٽ 146 تولا سون جنهن جي ماليت 72 لک 85 هزار 400 رپيا ڄاڻائي وئي، شازيه مري وٽ رڳو 16 لک جو سون آهي، ٺٽي مان چونڊيل پ پ جي قومي اسيمبلي ميمبر شمس النساءِ وٽ 30 تولا سون، شاهده رحماني وٽ 8 لک رپين جو 100 گرام سون، شگفته جماڻي وٽ 56 لک رپين جو 100 تولا سون، نفيسا شاهه وٽ اڍائي لک جا زيور آهن، ثريا جتوئي وٽ 120 تولا سون، مهرين ڀٽو وٽ 25 لک ماليت جو 50 تولا سون ۽ ڊاڪٽر شازيه صوبيا وٽ رڳو 58 گرام سون آهي، ڪشور زهريٰ وٽ هڪ لک 90 هزار جو سون، فوزيه حميد وٽ 40 تولا سون، ثمن سلطانه جعفري وٽ 25 تولا سون، نگهت شڪيل خان 25 تولا، ريٽا ايشور وٽ 70 لک جو سون آهن، جنهن جو وزن نه ڄاڻايو ويو آهي، شاهجهان منير مڱريو وٽ 60 تولا سون، قيمت 21 لک، ماروي حميده وٽ رڳو 6 لک جون سون آهي، هن به وزن نه ڄاڻايو آهي.

Nusrat petrolMehtab Akbar rashiddi

سنڌ سان تعلق رکندڙ ۽ اسلام آباد مان چونڊيل سينيٽر راحيلا مگسي وٽ 20  لک جو 40 تولا سون، سنڌ مان چونڊيل سينيٽر خوش بخت شجاعت وٽ هڪ لک جون سون آهي، شيري رحمان وٽ 190 تولا سون آهي، جنهن جي هن پراڻي قيمت ساڍا 90 لک ڄاڻائي آهي، سسئي پليجو وٽ 20 تولا سون آهي، جنهن جي قيمت هن 6 لک ڄاڻائي آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊيل عورت ميمبرن مان خير النساءَ وٽ 20 تولا، شهلا رضا وٽ 8 تولا سون آهي، جنهن جي ماليت 4 لک ڄاڻائي وئي آهي، جڏهن ته شرميلا فاروقي وٽ 300 تولا سون آهي، جنهن مان 10 تولا خانداني ۽ 200 تولا شادي ۾ تحفي ۾ مليل سون شامل آهي، ارم خالد وٽ 60 تولا سون آهي، جنهن جي ماليت هن 41 لک ڄاڻائي آهي، نصرت سلطانه وٽ 13 لک 10 هزار جو سون آهي، ڪلثوم اختر چانڊيو وٽ 38 تولا سون آهي، جنهن جي هن پراڻي قيمت 2 لک ڄاڻائي آهي، شهناز بيگم وٽ 10 تولا سون آهي، جنهن جي ماليت 5 لک 50 هزار ڄاڻائي وئي آهي، شميم  ممتاز وٽ 30 تولا سون آهي، جنهن جي قيمت 14 لک 40 هزار ڄاڻائي وئي آهي، ڊاڪٽر سجيلا لغاري وٽ 18 تولا سون آهي، رخسانه پروين شاهه وٽ 120 تولا سون، شاهينه سحر علي وٽ 58 گرام سون آهي، جنهن جي قيمت 2  لک 20 هزار ڄاڻائي وئي، غزالا سيال وٽ 10 تولا سون آهي، روبينه سعادت قائمخاني وٽ 260 تولا سون آهي، جنهن جي ماليت هڪ ڪروڙ 30 لک رپيا آهي، سائره شهلياڻي وٽ 50 تولا سون آهي، فرحت سيمي سومرو وٽ 40 تولا سون آهي، جنهن جي ماليت هن 3  لک 5 هزار ڄاڻائي آهي، نصرت سحر عباسي وٽ 7 تولا سون آهي، جنهن جي ماليت 3 لک 48 هزار ڄاڻائي  آهي، ثمينه افضل سيد وٽ 19 تولا سون آهي، هير سوهو وٽ 40 تولا سون آهي، جنهن جي قيمت 17 لک ڄاڻائي وئي آهي، عائشه خاتون وٽ 2 لک جو سون آهي، رعنا انصر 6 تولا، ناهيد بيگم وٽ 30 تولا آهي، ارم عظيم فاروقي وٽ 23 لک جو سون آهي، نائلا منير وٽ 23 تولا، مهتاب اڪبر راشدي وٽ 10 تولا، سورٺ ٿيٻو وٽ 5 تولا، سيما ضياءَ وٽ 100 تولا سون آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *