Thursday , April 25 2024

پڪاچانگ ۾ احساس ڪفالت جي رقم مان ڪٽوتيون، سينٽر انچارج گرفتار

فيض گنج(رپورٽر  سنڌسماءَچار) فيض گنج جي احساس ڪفالت سينٽر تي مستحق ماڻهن جي امدادي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ جي شڪايتن تي سينٽر انچارج گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس به داخل ڪري ڇڏيو. هاءِ اسڪول پڪاچانگ ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر تي مسلسل مستحقن جي رقم مان ڪٽوتين وارين شڪايتن کانپوءِ فيض گنج جي مقامي انتظاميا نوٽيس وٺندي ڪفالت سينٽر جي انچارج خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪرائي ڇڏيو. مسلسل ڪفالت سينٽر ۾ غيرقانوني ڪٽوتيون ڪرڻ جي الزام هيٺ ڊيوائس هولڊر گرفتار،اي سي فيضگنج جو چوڻ آهي ته ڪفالت سينٽر ۾ غريب ماڻهن لاءِ آيل رقم مان غيرقانوني طور 500 کان هڪ هزار تائين ڪٽوتيون ڪرڻ جون شڪايتون ملي رهيون هيون، جنهن تي ابتدائي جاچ بعد سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري جوابدار سينٽر انچارج ۽ ڊوائس هولڊر ساجد حسين چانگ کي خلاف جعلسازي ڪرڻ جي الزام هيٺ قلم 406 ۽ 420 تحت ڪيس داخل ڪرڻ بعد ڊوائس هولڊر کي لاڪپ حوالي ڪيو ويو آهي، پوليس موجب وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *