Friday , March 29 2024

پڪاچانگ: پيئڻ جي پاڻي واري اسڪيم مان ڪامورن ۽ ڀوتارن جا کيسا ڀريا

pacca chang

پڪاچانگ ۾ ساڍن چئن ڪروڙ رپين جي لاڳت سان قائم ٿيل پيور واٽر فلٽر پلانٽ هڪ ڏينهن به نه هليو، علائقي واسي 2 کان 5 ڪلو ميٽر پري واهن ۽ شاخن تي لڳل مٺي پاڻي جي نلڪن تان پاڻي ڀرڻ تي مجبور، چونڊيل نمائندن کي پٿر واري دور جهڙي حياتي گذاريندڙ سندن ووٽرن تي رحم نه آيو، تفصيل موجب 2008 ۾ تعلقي جي هيڊ ڪوارٽر پڪاچانگ شهر ۾ 4 ڪروڙ 68 لک رپين جي لاڳت سان پيور واٽر فلٽر پلانٽ قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو هلڻ کان اڳ ئي ناڪارا بڻجي ويو، 2008 ۾ 4 ڪروڙ 68 لک رپين جي لاڳت سان قائم ٿيل واٽر سپلاءِ پيور پلانٽ جي تعمير جو ٺيڪو علائقي جي هڪ سياسي ڀوتار کي ڏنو ويو، جنهن عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري پراڻي اسڪيم جي 30 سال اڳ ٺهيل تلائن کي رڳو پلستر ڪري ڪيو، جڏهن ته پاڻي کي فلٽريشن ڪندڙ پلانٽ به هلڻ کان اڳ زنگجي ۽ خراب ٿي چڪو آهي، جنهن ڪري اسڪيم هلڻ جي صورت ۾ پاڻي بغير فلٽر ٿيڻ جي شهرين کي فراهم ٿيندو، جڏهن ته پيور واٽر فلٽر پلانٽ جي وڇايل پائيپ پڻ هنڌا هنڌا ٽٽي پئي آهي، مسلسل عوامي شڪايتن بعد هڪ مهينو اڳ جڏهن ٽيسٽ طور فلٽر پلانٽ کي هلايو ويو ته جوڙ صحيح نه هجڻ ڪري شهر جي مختلف جڳهن تان پائيپ ڦاٽي پيا، جنهن ڪري پاڻي زمين هيٺان پوريل پائيپ لائينن مان اٻري ٻاهر نڪري آيو، پڪاچانگ شهر ۾ فلٽر پلانٽ سميت تعلقي جي ٻين شهرن اڪري چودڳي، ڪرونڊي، ڀنگو بهڻ ۽ ڪوٽ لالو سميت اڪثر ڳوٺن ۾ قائم واٽر سپلاءِ اسڪيمون خراب ۽ جر کارو هجڻ ڪري علائقي واسي گهرن کان پري ٻه کان چار ڪلو ميٽر واهن ۽ شاخن جي ڪپرن تي لڳل نلڪن مان پيئڻ جو مٺو پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن، جنهن ڪري صبح ۽ شام جي وقت واهن ۽ شاخن جي ڪپرن تي لڳل پاڻي جي نلڪن تي ماڻهن جي رش رهي ٿي، علائقي واسي پنڌ، گڏهه گاڏن، سائيڪلن، موٽر سائيڪلن ۽ ٻين سوارين تي گيلن، مٽ، بوتلون کڻي پڪاچانگ شهر مان گذرندڙ فيض گنج واهه، دائودو پل، گورچاڻي پمپ، ڪرونڊي شهر مان گذرندڙ ويهو واهه، حسين پاتو لڳ گذرندڙ پنڌرهيو واهه، رتڙ شاخ، ڪٻر شاخ، ڀنگو شاخ ۽ ٻين هنڌن تي علائقي واسي مٺو پاڻي ڀرڻ لاءِ اچن ٿا، جڏهن ته تعلقي جي 70 سيڪڙو جر کارو هجڻ ڪري واهن ۽ شاخن ڀرسان چند جڳهن تان مٺو ۽ صاف پاڻي ملي ٿو، اهڙي صورتحال هجڻ باوجود چار لک کان مٿي جي آبادي رکندڙ تعلقي فيض گنج مان ووٽ کڻي ورهين کان ڪامياب ٿيندڙ چونڊيل نمائندن کي پٿر واري دور جهڙي حياتي گذاريندڙ سندن ووٽرن تي رحم ناهي اچي سگهيو، وڏي وزير جي ضلعي خيرپور جي تعلقي فيض گنج جا شهري ٿر واري صورتحال وانگر زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

pacca chang1

فيض گنج: تعلقي ۾ ڪروڙين رپين جون قيمتي واٽر سپلاءِ ورهين کان ناڪارا بڻيل آهن، پبلڪ هيلٿ کاتي جي لاپرواهي سبب اڪري، مزار خان چانگ، ڀنگوبهڻ، بصيرو، ظفر آباد، حسين پاتو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ قائم واٽر سپلاءِ اسڪيمون ورهين کان نه هلڻ ڪري ناڪارا ٿي ويون آهن، جڏهن ته چوڪيداري نه هجڻ ڪري موٽرن ۽ مشينن سميت ٻيو قيمتي سامان پڻ گم آهي، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڇايل لوهي پائيپ لائين ڳرڻ سان گڏ گٽرن جي نالين سان گڏجي ويون آهن، جنهن ڪري جوڙيل تلائن جي ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا آهن، ناقص لوهي پائپ زنگجي چڪا آهن، جڏهن ته اڪثر ٺهيل پڪا تلاءَ هاڻي مٽي سان ڀرجڻ سان گڏ هنڌا هنڌا پڻ ٽٽي ختم ٿي چڪا آهن، جنهن جي هن وقت تائين انتظاميه ڪا به سار نه لڌي آهي.

 فيض گنج: فيض گنج جي سياسي سماجي اڳواڻن علي گل لشاري، اعظم ميمڻ، عطا محمد، ڪامريڊ خادم سنڌي، عبدالباقي شر، رسول بخش ڀنڀرو، استاد نصرالله راڄپر ۽ ٻين سنڌ ويچار سان ڳالهائيندي چيو ته ورهين کان سندن ووٽ کڻي ڪامياب ٿيندڙ راڻيپور جي پيرن، پير پاڳاري خاندان ۽ ٻانڀڻ برادري پاران کين ڪوبه پيئڻ جي مٺي پاڻي جو ميگا پراجيڪٽ ناهي مليو، جڏهن ته فيض گنج جي اڪثر علائقن جو جر ٻاڙو آهي ۽ شهري لوڻياٺي پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن، پر پبلڪ هيلٿ عملدارن ۽ حڪمرانن کي ڪهل نه آئي آهي، هنن چيو ته ڪامورن 2008 ۾ قائم ٿيندڙ واٽر فلٽر پلانٽ اسڪيم ۾ غضب جي ڪرپشن ڪندي شهرين سان ظلم ڪيو آهي، اٺن سالن تائين اسڪيم کي هٿ سان رولڙي جو شڪار بڻايو ويو آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪيم ۾ ٿيل ڪروڙن جي گهوٻين جي جانچ ڪرائڻ بعد ملوث عملي ۽ ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *