Friday , April 19 2024

پڪاچانگ شهر ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ ٽائون ڪميٽي ۾ ڪرپشن خلاف شهري رستن تي اچي ويا

فيض گنج(رپورٽر   سنڌسماءَچار) خيرپور ضلعي جي قديمي شهر ۽ فيض گنج تعلقي جي هيڊڪوارٽر پڪانگ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ نالي ماتر ڪرايل ڪمن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ خلاف شهري ۽ سول سوسائٽي رستن تي اچي وئي آهي، ٽائون ڪميٽي جي فنڊز خلاف علامتي بک هڙتالي ڪئمپ به قائم. فيض گنج جي سول سوسائٽي ۽ پڪاچانگ شهر توڙي ڀرپاسي جي ڳوٺن جي رهواسين پاران ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڏني آهي، ڪامريڊ مرتضيٰ شر، امر شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائون آفيس آڏو علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي. احتجاج ڪندڙ سول سوسائٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته، غريب آباد ڪالوني ۽ شر ڪالوني سميت شهر جي مختلف رهائشي علائقن ۾ سيوريج جو نظام تباهه ٿي ويو آهي، هاڻي ته شهر مان گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ وارو نظام رهيو ئي نه آهي.

اڳواڻن بک هڙتالي ڪئمپ تي ايندڙ وفدن ۽ صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته، پڪاچانگ خيرپور ضلعي جو قديمي شهر ۽ تعلقي فيض گنج جو هيڊ ڪوارثٽر آهي، پر افسوس ته بنيادي انساني ضرورت اڻلڀ آهن، رهائشي علائقن جون گهٽيون توڙي رستا مڪمل تباهه ٿيل آهن، سيوريج جو نظام مڪمل طور تي ناڪاره ٿيل آهي، پيئڻ جي صاف پاڻي جون سهولتون اڻلڀ ٿي ويون آهن. سماجي اڳواڻن سوال ڪيو آهي ته ٽائون ڪميٽي پڪاچانگ لاءِ ايندڙ 23 ڪروڙ 40 لک رپيا آخرڪار وڃن ڪيڏانهن ٿا؟ شهر ۾ ترقياتي ڪم ٿين ڪو نه ٿا ۽ جيڪي نالي ماتر ڪم ٿيا هئا انهن ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ اهي تباهي جي ڪناري تي پهتل آهن، اڳواڻن اهو به مطالبو ڪيو آهي ته 11 سالن دوران آيل بجيٽ جي آڊٽ ڪرائي وڃي، هنن چيو ته جيستائين سندن مطالبا منظور نه ٿيندا ايستائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي ۽ ان جو طريقيڪار به تبدلي ڪري سگهجي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *