Thursday , April 18 2024

پي ٽي آءِ ۽ صدر عارف علوي جو هڪ ڀيرو ٻيهر يوٽرن

ڪراچي ( رپورٽر  سنڌسماءَچار ) تحريڪ انصاف ۽ صدر عارف علوي هڪ ڀيرو ٻيهر يوٽرن وٺندي اعلان ڪيو آهي ته، سنڌ سرڪار جي سهڪار کانسواءِ سنڌ ۾ ڪو به ڪم نه ڪنداسين. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گورنر سنڌ جو موقف آهي ته سنڌ حڪومت سهڪار نه پئي ڪري ، مان ڪوشش ڪندس ته اهو سهڪار حاصل ٿي وڃي. هن چيو ته ڪوشش ڪندس ته ڪراچي سميت سنڌ جي حوالي سان جيڪي پئڪيج نظر ۾ آهن انهن تي ڪم ٿئي ۽ ڪراچي پئڪيج لاءِ سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته جيستائين سنڌ حڪومت سهڪار نه ڪندي ڪراچي ۾ ڪم نٿو ٿي سگهي. گورنر عمران اسماعيل بابت هڪ سوال تي سندس چوڻ هو ته هو سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، مان گورنر صاحب سان ملندس ته سياسي ڳالهيون ئي ڪندس.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *