Friday , April 19 2024

پي ٽي آءِ پاران پيپلز پارٽي تي ماڻهن کي ڌمڪائي پارٽي ۾ شامل ڪرڻ جو الزام

Arif Alvi 1

پي ٽي آءِ اڳواڻ عارف علوي چيو آهي  ته پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ماڻهن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ پ پ جي ڪيفيت موهن جو دڙو ويجهو ٻڏندڙ ٻيڙي جهڙي آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عارف علوي چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ پختون برادري خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، ڪراچي شهر 25 سالن کان لساني بنياد تي متاثر ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته پختونن جي گرفتارين تي آءِ جي سنڌ سان رابطو ڪيو ته هن چيو افغانين بابت انگ اکر گڏ ڪيا پيا وڃن.

عارف علوي چيو ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي پر انهن جي آڙ ۾ افغانين کي تنگ نه ڪيو وڃي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته چوڌري نثار جون ڪيتريون خواهشون هونديون پر اسان جي خواهش آهي ته هو استعيفيٰ ڏئي.

عارف علوي چيو  ته پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ماڻهن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ پ پ جي ڪيفيت موهن جو دڙو ويجهو ٻڏندڙ ٻيڙي جهڙي آهي .

عارف علوي چيو ته شرجيل ميمڻ سان چونڊ وڙهندڙ تي ٽنڊي ڄام جي اڳوڻي تعلقي ناظم خاوند بخش جهيجو خلاف ڪيس داخل ڪري مٿس دٻاءُ وڌو پيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *