Thursday , April 18 2024

پي ٽي آءِ پاران سنڌ سميت سڄي ملڪ جي 173 قومي ۽ صوبائي تڪن تي 290 اميدوارن جواعلان

اسلام آباد(رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف عام چونڊن ۾ پارٽي جي اميدوارن جو پهرين مرحلي ۾ قومي ۽ صوبائي تڪن جي اميدوارن جو اعلان ڪندي اميدوارن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي، عمران خان قومي اسيمبلي جي 5 تڪن تان چونڊن ۾ حصو وٺندو. اين اي 154 لوڌران تي جهانگير ترين جي پٽ علي ترين جي ٽڪيٽ روڪي وئي آهي، سنڌ مان حليم عادل شيخ جي به قسمت جو فيصلو اڃا ناهي ٿيو. لياقت جتوئي، عارف علوي کي ٽڪيٽ ملي وئي. تفصيلي رپورٽ مطابق پي ٽي آءِ 25 جولا تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پارٽي اميدوارن جي ٽڪيٽن جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پهرين مرحلي دوران سڄي مل ۾ قومي اسيمبلي جي 173 قومي، سنڌ ڪي پي بلوچستان ۽ پنجاب جي صوبائي اسيمبلي جي مجموعي طور 290 اميدوارن جواعلان ڪيو ويو آهي.

پي ٽي آءِ پاران جاري ڪيل تفصيلن مطابق عمران خان ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، بنون ۽ ميانوالي مان قومي اسيمبلي جي 5 تڪن تي اليڪشن وڙهندو. عمران خان ڪراچي مان اين اي 243، اين اي 65 بنون، اين اي 53 اسلام آباد، اين اي 95 ميانوالي ۽ اين اي 131 لاهور مان اليڪشن وڙهندو. ڊاڪٽر عارف علوي اين اي 247 ڪراچي ۽ علي زيدي اين اي 244 ڪراچي مان اليڪشن وڙهندو. لياقت علي جتوئي اين اي 234 دادو ۽ سردار يار محمد رند اين اي 260 نصير آباد/جهل مگسي مان چونڊ وڙهندو. شفقت محمود اين اي 130 لاهور، اسد عمر اين اي 54 اسلام آباد، شاهه محمود قريشي اين 153 ملتان ۽ سندس پٽ زين قريشي اين اي 157 ملتان مان چونڊن ۾ حصو وٺندو. خيبرپختونخواهه جو اڳوڻو وڏو وزير پرويز خٽڪ اين اي 25 نوشهره ۽ اسد قيصر اين اي 18 صوابي مان چونڊ وڙهندو. پاڪستان تحريڪ انصاف جو مرڪزي ترجمان فواد چوڌي اين اي 67 جهلم مان چونڊ وڙهندو جڏهن ته ابرار الحق اين اي 78 نارووال ۽ عثمان ڊار اين اي 73 سيالڪوٽ مان اليڪشن وڙهندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *