Wednesday , April 17 2024

پي ٽي آءِ مشرف جي ويجهي ساٿي ۽ آءِ بي جي اڳوڻي سربراهه برگيڊيئر (ر) اعجاز شاهه کي وزير بڻائي ڇڏيو

برگيڊيئر رٽائرڊ اعجاز شاهه وفاقي وزير ٿي ويو

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي ڪابينا کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪري مشرف جي ڪابينا پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ مڪمل ڪري رهيو آهي، وزيراعظم برگيڊيئر رٽائرڊ اعجاز شاهه کي پنهنجي ڪابينا ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم جي سفارش تي صدر عارف علي اعجاز شاهه جي وفاقي وزير طور نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. برگيڊيرئر رٽائرڊ انهن ٽن شخصن مان هڪ آهي جن کي شهيد بينظير ڀٽو ڪارساز سانحي جو ذميوار قرار ڏنو هو، بينظير ڀٽو اهو به پنهنجي زندگي ۾ ئي اعجاز شاهه کي ان ڳالهه جو به ذمياور قرار ڏنو هو ته جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿيو ته ان  جو ذميوارٻين سان گڏ اعجاز شاهه به هوندو، ان وقت اعجاز شاهه آءِ بي جو سربراهه هو. وزيراعظم عمران خان ننڪانه صاحب مان ايم اين اي طور چونڊيل برگيڊيئر رٽائرڊ اعجاز شاهه کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو جنهن بعد سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن اعجاز شاهه کي وفاقي وزير بڻائڻ جي سمري وزيراعظم کي موڪلي جنهن کي وزيراعظم منظوري لاءِ صدر عارف علوي کي موڪلي ڇڏيو.  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري اعجاز شاهه کي وفاقي وزير بڻائڻ جي تصديق پنهنجي ٽوئيٽ ذريعي ڪئي.  فواد چوڌري ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي سفارش تي صدر عارف علوي اعجاز شاهه کي وفاقي وزير بڻائڻ جي منظوري ڏني آهي.  فواد چوڌري موجب اعجاز شاهه پارلياماني معاملن جي وزير طور پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *