Friday , March 29 2024

پي ٽي آءِ  سرڪار سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون

پي ٽي آءِ  سرڪار سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون، سنڌ حڪومت، جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل سنڌ جا پارليامينٽيرينز خاموش تماشائي بڻيل

اسلام آباد( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت پنجاب سان ملي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، پنجاب جي هڪ نجي ڪمپني جي درخواست تي چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي بجلي جو منصوبو قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، سنڌ حڪومت، پيپلز پارٽي، جي ڊي اي ۽ پي ٽي سان واسطو رکندڙ سنڌي پارليامينٽيرينز خاموش تماشائي بڻيل آهن. انڊس رور سسٽ م اٿارٽي ( ارسا) هڪ نجي ڪمپني پاران چشما جهلم (فلڊ) لنڪ ڪئنال تي بجلي جو منصوبو اڏڻ لاءِ هنگامي طور تي اجلاس سڏائي منصوبو جوڙڻ لاءِ نو آبجيڪشن ( اين او سي) جاري ڪري ڇڏي آهي. ارسا ۾ سن ڌ جي ميمبر پاران سخت خدشا ظاهر ڪري منصوبو جوڙڻ جي مخالفت جي باوجود غير قانوني قدم کڻندي ان تي بجلي گهر اڏڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته، ارسا ڪنهن پرائيويٽ شخص/ڌر يا ڪمپني جي درخواست تي هنگامي اجلاس سڏايو هجي. ارسا هن وقت مڪمل طور تي ڌر بڻجي سنڌ خلاف  ڪنهن به قدم کڻڻ کان گهٻرائڻ يا قانوني رستو اختيار ڪرڻ بدران سڌا فيصلا ڪري رهيو آهي. سِي جَي هائڊرو پاور پرائيويٽ لميٽيڊ جي هڪ درخواست تي گهرايل اجلاس ۾ ويهن منٽن جي ڪارروائي دوران پاور منصوبو اڏڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ارسا پاران پاور منصوبي جي اين او سي جاري ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قائدي ۽ ضابطي جو جائزو نه ورتو ويو. سي جي لنڪ ڪئنال جيتوڻيڪ فلڊ ڪئنا آهي پر پنجاب ۽ وفاقي حڪومت جي هٺ ڌرمي سان گذريل ڪيترن ئي سالن کان ان کي مستقل وهايو وڃي ٿو، سي جي لنڪ ڪئنال جيڪو اصل ۾ فلڊ ڪئنال آهي، جنهن کي رڳو ٻ وڏ وارن ڏينهن ۾ ئي وهائي سگهجي ٿهو، اهو به اهڙي صورت ۾ جڏهن درياهه ۾ پاڻي جو ايترو چاڙهه هجي جو بندن جي ٽُٽَڻ جي پڪ ٿي وڃي يا وري بچاءَ بند صفا ڪمزور ٿي  وڃن.

چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي 25 ميگاواٽ جو بجلي گهر اڏڻ لاءِ نيپرا گذريل سال منصوبو جوڙڻ ۽ ڪمپني قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، جنهن جي وفاقي حڪومت ۾ ويٺل سنڌ مان چونڊيل پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي جي سنڌي ايم اين ايز ۽ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ محمد ميان سومرو ڪنهن به قسم جو اعتراض نه ڪيو، ان منصوبي جي وفاقي حڪومت جي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت منظوري وفاقي ڪابينا جي صلاح سان منظُوري ڏني پر ٻن وفاقي سنڌي وزيرن ان جي مخالفت نه سهي پر ان جي  وضاحت به نه پڇي. ارسا جي فيصلي کانپوءِ به سنڌ حڪومت، جي ڊي اي ۽ قومي اسايمبلي ۾ موجود سنڌ مان چونڊيل پيپلز پارٽي جا ايم اين ايز، جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جا سنڌي ايم اين ايز، سينٽرز مڪمل طور تي خاموش تماشائي بڻيل آهن، جيتوڻيڪ قومي اسيمبلي جي هر اجلاس دوران پ پ پ جا ميمبر آصف زرداري جا پروڊڪشڻ آرڊرز جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاج ضرور رڪارڊ ڪرائيندا آهن پر ارسا جي فيصلي توڙي چشما جهلم لنڪ ڪئنال ٻارهو ئي وهائڻ خلاف ڪو به احتجاج ناهي ڪيو ويو.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *