Saturday , April 20 2024

پي ٽي آءِ حڪومت پاران غيرقانوني طريقي سان ڪمايل ناڻو ۽ ملڪيتون جائز ڪرائڻ لاءِ اسڪيم جاري

اسلام آباد(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وفاقي ڪابينا ۽ وزيراعظم عمران خان جي منظوري کانپوءِ وفاقي حڪومت ڪارو ناڻو ۽ غيرقانوني طريقي سان ٺاهيل ملڪيتن کي قانوني حيثيت ڏيڻ  لاءِ ايمنسٽي اسڪيم جو جاري ڪري ڇڏي آهي، صدر عارف علوي آرڊيننس جاري ڪندو. وزيراعظم عمران خان جي ناڻي وارفي وزارت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر حفيظ شيخ، ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ايمنسٽي اسڪيم 2019 تي غور ڪيو، جنهن بعد ڪابينا ان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت ڪارو ناڻو رکندڙ ماڻهو ٽيڪس ادا ڪرڻ بعد ان کي اڇو ڪري سگهندا، اهڙن ماڻهن جا نالا به راز ۾ رکيا ويندا.  ناڻي واري صلاحڪار جو چوڻ هو ته ان ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جو مقصد روينيو گڏ ڪرڻ نه پران جو بنيادي مقصد معيشت کي ڊاڪيومينٽڊ ڪرڻ آهي جيئن معيشت تيز رفتا سان هلي سگهي ۽ جيڪي ڊيڊ اثاثا آهن انهن کي معيشت ۾ وجهي انهن کي فعال بڻائي سگهجي.

ڊاڪٽر حفيظ شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان ڪوشش ڪئي آهي ته اها اسڪيم سمجهڻ ۽ عملدرآمد ڪرڻ ۾ گهڻي آسان ٿئي، ان کي حقيقت پسنداڻو رکيو ويو آهي ۽ ان ۾ قيمت ايتري وڌيڪ ناهي رکي وئي، ان جو پٺيان اِهو مقصد ناهي ته ماڻهن کي ڊيڄارجي پر واپاري ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي جيئن هو صحيح نموني سان حصو وجهي سگهن. ناڻي واري صلاحڪار جو چوڻ هو ته 30 جون تائين اسڪيم ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي ۽ ان اسڪيم ۾ هر پاڪستاني شهري حصو وٺي سگهندا، پر اُهي ماڻهو جيڪي حڪومت ۾ عهدو رکي چڪا آهن يا جيڪي انهن تي ڀاڙن ٿا اُهي هن اسڪيم مان فائدو نه کڻي سگهندا. عبدالحفيظ شيخ جو چوڻ هو ته ان اسڪيم جي تحت پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر سمورا اثاثا ظاهر ڪرڻا پوندا ۽ ريئل اسٽيٽ کان سواءِ سمورن اثاثن کي 4 سيڪڙو جي شرح ڏئي اثاثا ظاهر ڪرڻ واري اسڪيم ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته ملڪ يا پرڏيهه ۾موجود نقد اثاثا ظاهر  ڪرڻ جي شرط اِها آهي ته انهن کي ڪنهن بينڪ اڪائونٽ ۾ رکيو وڃي جيئن ريئل اسٽيٽ واري معاملي ۾ ان جي قيمت ايف بي آر جي مقرر ڪيل قيمت کان ڏيڍ سيڪڙو وڌيڪ هوندي جيئن هو مارڪيت جي قيمت جي ويجهو اچي سگهن. هن چيو ته، جيڪڏهن ايف بي آر موجب ڪهن پراپرٽي جي قيمت 10 لک رپيا آهي ته ان کي 15 لک رپين تي اڇو ڪيو ويندو ۽ ان تي ڏيڍ سيڪڙو ادا ڪرڻو پوندو. عبدالحفيظ شيخ جو چوڻ هو ته پاڪستان مان پرڏيهه کڻي ويندڙ پيسن کي جيڪڏهن اڇو ڪرڻو آهي ته ان کي به ڪري سگهجي ٿو ۽ انهن کي 4 سيڪڙو ڏيڻو پوندو ۽ بقايا رقم کي پاڪستان ۾ آڻي هتي جي بينڪ اڪائونٽ ۾ رکڻو پوندو، پر هو جيڪڏهن پاڪستان ۾ پيسا نٿو آڻڻ چاهي ته پرڏيهه ئي ان کي اڇو ڪرائي رکڻ چاهي ٿو ته هن کي 4 سيڪڙو سان گڏ واڌو 2 سيڪڙو ٽيڪس ڏيڻو پوندو.

ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم کي گذريل اسڪيمن کان مختلف ٻڌائيندي ناڻي واري صلاحڪار جو چوڻ هو ته بنا نالي قانون پاس ٿيو آهي، ان جي خاصيت اِها آهي ته ان جي تحت جيڪڏهن ڪير اثاثا ظاهر نٿو ڪري ته سمورا اثاثا ضبط ڪري سگهجن ٿا ۽ ماڻهو جيل به وڃي سگهن ٿا، ان ڪري هتي بنا نالي اڪائونٽ ۽ ملڪيتن کي اڇو ڪرڻ جي مهلت ڏني پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جون ڳالهيون گذريل 7 کان 8 مهينن کان هلي رهيون هيون جيڪي هڪ سٺي طريقي سان مڪمل ٿيون آهن ۽ في الحال اسٽاڪ ليول معاهدو ٿيو آهي جنهن بعد اداري جو فل بورڊ ان معاهدي کي منظور ڪندو، جيڪي اِهو چئي رهيا آهن ته آءِ ايم ايف وٽ ڇو وڃي رهيا آهيو اُهي پاڻ سڀ کان پهرين هنن وٽ وڃي چڪا آهن. هن چيو ته آءِ ايم ايف هڪ عالمي ادارو آهي، جنهن جو بنيادي مقصد اِهو ئي آهي ته معاشي ڏکيائين جو شڪار ملڪن کي مدد فراهم ڪري سگهجي، اسان جيڪو ڪرڻ پيا وڃون اُهو هن وقت پاڪستان جي ضرورت آهي. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته ان معاهدي سان ڪجهه ماڻهن کي اگهه وڌڻ جا خدشا آهن، سان 3 کان 4 وڏا فيصلا ڪيا آهن، جيڪڏهن بجلي جا اگهه وڌي رهيا آهن ته 300 يونٽ کان گهٽ استعمال ڪندرن تي ڪو به فرق نه پوڻ ڏينداسين ۽ ان جي لاءِ 216 ارب رپيا بجيٽ ۾ رکيا ويا آهن ۽ ان مان 75 سيڪڙو صارف فائدو حاصل ڪندا. ناڻي واري صلاحڪار جو چوڻ هو ته اهڙي طرح احساس پروگرام جي بجيٽ کي ٻيڙو ڪيو پيو وڃي ۽ ان کي 100 اربن بدران 180 ارب ڪيو پيو وڃي جيئن عوام کي وڌ کان وڌ مدد فراهم ڪري سگهجي.

پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر پاران ايڊز بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ميڊيا کي به صلاح

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *