Thursday , April 18 2024

پي ٽي آءِ جي غير مشروط حمايت ڪيون ٿا،شاهه محمود جي اچڻ جي به ضرورت نه هئي: پيرپاڳارو

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سربراهه پير پاڳارو پي ٽي آءِ جي غير مشروط طور تي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي ووٽ ڪنداسين، اسان جو اليڪشن ۾ به اتحاد هيو، پير پاڳارو اهڙو اعلان شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين پاران ڪنگري هائوس پهچي ساڻس ملاقت بعد گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. پير پاڳاري جو چوڻ آهي ته جي ڊي اي عمران خان کي وزيراعظم  جي چونڊ ۾ ووٽ ڏيڻ سان گڏ هر ڏک سک ۾ گڏ هوندو. تحريڪ انصاف اڳواڻن شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين خميس ڏينهن ڪنگري هائوس پهچي جي ڊي اي ۽ فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳارو سان ملاقات ڪئي. پي ٽي آءِ وفد سان ملاقات دوران پير پاڳارو سان غوث علي شاهه، ذوالفقار مرزا، فهميدا مرزا ۽ ٻيا اڳوڻ به موجود هئا. ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن عام چونڊن کانپوءِ جي صورتحال ۽ سنڌ ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلين وارن معاملن تي به ڳالهيون ڪيون.

ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري چيو ته پي ٽي آءِ وفد کي هتي اچڻ جي ضرورت نه هئي. ڇاڪاڻ ته اسان اڳ ئي پي ٽي آءِ جي غير مشروط حمايت ڪري چڪا آهيون. سندس چوڻ هو ته اسان هر معاملي ۾ پي ٽي آءِ سان گڏ آهيون. ان موقعي تي  شاهه محمود  قريشي چيو ته اسان جي ڊي اي جي سهڪار لاءِ آياسين ۽ سهڪار ڪرڻ تي پير صاحب جا ٿورائتا آهيون، ان سان گڏوگڏ اسان ڪراچي جي عوام جا به ٿورائتا آهيون، جن 14 قومي اسيمبلي جون سيٽون ڏئي حوصلا بلند ڪيا آهن. هن اپيل ڪئي ته وزيراعظم لاءِ اميدوار عمران خان، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر  جي حمايت ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *