Saturday , April 20 2024

پي ٽي آءِ ايم اين عدالت ۾ روئي ڏنو- تحريڪ انصاف وارا ڪڏهن کان بدمعاش ٿيا آهن: چيف جسٽس ثاقب نثار

لاهور ( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ لاهور جي قبضا مافيا خلاف ڪيس جي شنوائي دوران چيف جسٽس جي مختلف سوالن تي پي ٽي آءِ جو ايم اين اي ڪرامت کوکر روئي ڏنو، چيف جسٽس ڪرامت کوکر کي اڄ سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته، ٻاهر قبضا ۽ بدمعاشون ڪندا وتو ٿا هتي اچي وري روئي ڏيو ٿا، ڇا ماڻهن ان لاءِ ووٽ ڏنا آهن، نئون پاڪستان بدمعاشن جي پيروي ڪندي ٺاهڻ لاءِ هليا آهن. ملڪ منشا کوکر عرف منشا بم جي گرفتاري لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ايس پي کان پڇاڻو ڪيو ته هي منشا بم ڪير آهي. جنهن تي ايس پي معاذ ٻڌايو ته منشا بم جوهرٽائون جو وڏو قبضا گروپ آهي، هو پنهنجي پٽن سان گڏجي ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪندو آهي، هن جي مٿان 70 ڪيس داخل آهن، توهان جي حڪم تي ڪارروائي شروع ڪئي ته سفارشين جا فون اچڻ شروع ٿي ويا. چيف جسٽس چيو ته ڪنهن جي فون آئي سفارش لاءِ.  ايس پي ٻڌايو ته ايم اين اي ڪرامت کوکر منشا بم جي گرفتاري روڪڻ جي درخواست ڪئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته مان ڏسان ٿو ته هي ڪير بدمعاش آهي، پوليس جي زيادتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، پوليس ۾ سياسي مداخلت ڪندڙ کي نه ڇڏيندس.

چيف جسٽس ايس پي کي ڌمڪيون ڏيڻ تي پي ٽي آءِ ايم اين اي ملڪ ڪرامت کوکر کي فوري طور سپريم ڪورٽ طلب ڪري ورتو جڏهن ته منشا بم کي به گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسس جوابدار منشا بم پاران پيش ٿيل وڪيل رانا سرور کي به سخت ڇنڊ پٽي جنهن تي وڪيل عدالت کان غير مشروط معافي وٺندي ڪيس کان عليحدگي اختيار ڪري ورتي. وقفي کانپوءِ ايم اين اي ملڪ ڪرامت کوکر ۽ ايم پي اي نديم عباس پيش ٿيا. ان موقعي تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا ماڻهن بدمعاشي لاءِ ووٽ ڏنا آهن. جاچ دوران قبضا گروپ جي پيروي ثابت ٿي ته ملڪ ڪرامت کوکر ايم اين اي طور واپس نه ويندو. پي ٽي آءِ اي ايم پي اي نديم عباس بارا چيو ته ڪيس شروع ٿيڻ کان اڳ مان ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو، منهنجي خلاف ايس پي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا، جيڪڏهن ڪيسن ۾ غلطي ثابت ٿي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته تون پهريون استعيفيٰ ڏي جلد ڪر، ايتري توهان ماڻهن ۾ جرئت ناهي جو استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران نديم عباس بارا روئڻ شروع ڪيو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ٻاهر بدمعاشي ڪيو ٿا اندر انڪار ۽ پوءِ روئڻ شروع ڪيو ٿا. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ وارن بدمعاشي ڪندي اوطاقون ٺاهيون آهن، ڪنهن بدمعاش کي پاڪستان ۾ رهڻ نه ڏيندس. ملڪ ڪرامت کوکر بيان ڏيندي چيو ته مان منشا بم کي نه ٿو سڃاڻان، مان ايس پي نه ڊي آءِ جي کي فون ڪيو. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته گهريو ان ڊي آءِ  جي آپريشنز کي جنهن سفارش ڪئي جنهن بعد عدالت ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *