Friday , March 29 2024

پي ايس 16 قمبر-شهدادڪوٽ تان پي ٽي آءِ چونڊن مان آئوٽ ٿي وئي

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) شهدادڪوٽ جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 16 تان پي ٽي آءِ اليڪشن جي مقابلي ٿيڻ اڳ اڳ ۾ ئي آئوٽ ٿي وئي آهي. پي ٽي آءِ اميدوار محمد علي هڪڙو پاران بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل لڪائڻ تي کيس اليڪشن وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو هو، جنهن کي محمد علي هڪڙي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو. سپريم ڪورٽ جي ٻن ججز تي ٻڌل بئنچ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو. سندس وڪيل ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته محمد علي هڪ بئنڪ اڪائونٽ جاتفصيل نه ڏئي سگهيو، جنهن جو سبب هن جي بيمار هجڻ آهي، هن ڄاڻي واڻي اهي تفصيل نه لڪيا هئا، پر عدالت سندس موقف تتسيلم نه ڪيو. محمد علي هڪڙو قمبر – شهداد ڪوٽ جي صوبائي تڪ پي ايس 16 تي پي ٽي آءِ جو نامزد اميدوار هو.

هر ڀيري اليڪشن ۾ ووٽ وٺندڙ پيئڻ جو صاف پاڻي به نه ڏئي سگهيا: پي ايس 28 جو اميدوار نثار شر

”روٽي،ڪپڙا اور مڪان“ ڇا غريبن کي پڪوڙا به نصيب نه ٿيا: نويد قمر جي جلسي ۾ جيالي جو خطاب

 

About Asghar Azad

Check Also

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *