Friday , April 19 2024

پيپلز پارٽي ن ليگ سان گڏجي مضبوط مخالف ڌر جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد (رپورٽر    سنڌسماءَچار) اسلام آباد ۾ نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن وچ ۾ملاقات دوران  پارليامينٽ وڃي حلف کڻڻ ۽ مضبوط اپوزيشن جوڙي نئين سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، ليگي اڳواڻن  سان ملاقات بعد پ پ وفد ايم ايم اي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين اڳواڻن سان به ملاقات ڪئي. اسلام آباد ۾ پيپلزپارٽي جي وفد اسپيڪر اياز صادق جي رهائشگاهه تي نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي جنهن دوران وفاق ۾ گڏيل اپوزيشن سميت چونڊ نتيجن تي غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات دوران پ پ وفد جي قيادت يوسف رضا گيلاني ڪئي جڏهن ته ملاقات دوران خورشيد شاهه، فرحت الله بابر، شيري رحمان به شامل هئا، نون ليگ جي وفد ۾ اياز صادق، شاهد خاقان عباسي، مشاهد حسين سيد، شاهه محمد شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ پنجاب ۾ گڏيل حڪومت ٺاهڻ سميت وفاق ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ تي غور ويچار ڪيو ويو.  ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته چونڊن ۾ عوامي مينڊيٽ چورايو ويو ۽ چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي.

پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ جي وفد موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام وئي آهي ان ڪري چيف اليڪشن ڪميشنر ۽ ٻيو عملو استعيفيٰ ڏئي. ملاقات بعد پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ متفق آهن ته چونڊن دوران مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ليگي اڳواڻن سان ملاقات دوران کين چيو ته پارلياماني فورم نه ڇڏيو وڃي، پارليامينٽ ۾ گڏيل اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪيو ويندو. فرحت الله بابر چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ٻين عهديدارن کي فوري طور استعيفا ڏيڻ گهرجي. نون ليگ اڳواڻ سان ملاقات بعد پ پ اڳواڻن اسلام آباد ۾ جي يو آءِ جي آفيس ۾ ملانا فضل الرحمان ۽ ٻين ايم ايم اي اڳواڻن سان ملاقات پڻ ڪئي جنهن دوران پارلياماني فورم خالي نه ڇڏڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

ان کان ڳ پيپلزپارٽي جي ڪميٽي جو يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پارٽي پاليسي سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسان چاهيون ٿا ته عمران خان کي اڪثريت ملي آهي ته هو وفاق ۾ حڪومت بڻائي.خورشيد شاهه چيو ته اسان چونڊ نتيجن کي رد ڪري چڪا آهيون پر جمهوريت لاءِ اڳتي هلڻ چاهيون ٿا، پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *