Friday , March 29 2024

پيپلز پارٽي سڄي سنڌ ۾ آدمشماري بابت جاڳرتا مهم هلائيندي: نثار کهڙو

PPP-Logo-Pakistan-Peoples-Party

پيپلز پارٽي سنڌ ۾ آدمشماري جي پهرين مرحلي جي حوالي سان ڀرپور آگاهي مهم هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ڊي جي نادرا محمد سهيل سان فون تي رابطو ڪري صوبي اندر سڃاڻپ ڪارڊ بڻائڻ واري مهم شروع نه ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪيو. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آدمشماري ۽ گهر شماري جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آدمشماري جي پهرين مرحلي شروع ٿيڻ کان اڳ عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ڀرپور مهم هلائي ويندي. نثار کهڙي چيو ته پاڪستان ۾ آخري آدمشماري 1988ع ۾ ٿي، هر 10 سال ۾ ملڪ ۾ آدمشماري ٿيڻ گهرجي پر ڊگهي عرصي کان آمريتي حڪومتن سبب آدمشماري ۽ قومي مالياتي ايوارڊ تي ڌيان نه ڏنو ويو. نثار کهڙي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آدمشماري جي حوالي سان ڀرپور مهم هلائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪوشش ڪئي وڃي ته هڪ به گهر ڳڻپ کان نه رهجي وڃي. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙَي نادرا جي وقتي ڊي جي محمد سهيل سان فون تي رابطو ڪري صوبي اندر عوام کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري مهم شروع نه ٿيڻ تي سخت احتجاج ڪيو. صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ 30 سيڪڙو ماڻهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه آهن، 15 مارچ کان آدمشماري شروع ٿيندي، جيڪڏهن نادرا سڃاڻپ ڪارڊ بڻائڻ واري مهم نٿو هلائي سگهي ته پوءِ سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط ختم ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *