Friday , March 29 2024

پيپلز پارٽي سان اتحاد کان بهتر ٿيندو ته پي ٽي آءِ سياسي آپگهات ڪري ڇڏي: فواد چوڌري

لاهور (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽي سان اتحاد کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته، پ پ سان اتحاد ڪرڻ کان بهتر آهي ته سياسي آپگهات ڪري ڇڏيون. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته، ن ليگ تيزي سان وکري رهي آهي، جيئن ئي نگران حڪومت قائم ٿيندي ته ن ليگ وارا ڳوليا نه لڀندا. هن چيو ته اسان سمجهندا هئاسين ته مريم نواز حادثاتي طور سياستدان بڻجي وئي پر حقيقت ۾ حادثاتي نه ان کي زربدستي سياستدان بڻائيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هاڻي حقيقت ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جي سياست ختم ٿي وئي آهي. فواد چوڌري مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيول ته، پيپلز پارٽي سان اتحاد جو سوال ئي پين دا نه ٿو ٿئي، پنجاب ۾ پ پ سان اتحاد ڪرڻ کان بهتر آهي ته پي ٽي آءِ سياسي آپگهات ڪري ڇڏي. هن چيو ته ڏسڻو آهي ته اڳتي ن ليگ جي ڪهڙي حيثيت رهي ٿي يا ان جو به ايم ڪيو ايم باني وارو حشر ٿو ٿئي، ڇو ته ن ليگ جي ادارن سان ويڙهه واري سياست گهڻو وقت نٿي هلي سگهي. هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري سڄي عمر ڀائر رهيا آهن، ن ليگ جي وزيرن ته پرويز مشرف کي به ڀاءُ چئي ڪري کانئس حلف ورتو هو. سندس چوڻ هو ته مريم نواز پنهنجي پيءُ جي تاريخ پڙهي ته کيس اسٽيبلشمينٽ سان ن ليگ جي لاڳاپن جي خبر پئجي ويندي، ن ليگ وارا ضرورت وقت ڪجهه به ڪري سگهن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *