Friday , April 26 2024

پيپلز پارٽي خواجا آصف جي نااهل ٿيڻ تي خوش ناهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه آئين جي آرٽيڪلز 62 ۽ 63 کي ڪارو قانون ڪرار ڏيندي چيو آهي ته، مون سميت ڪير به حقيقي سياست ڪندڙ خواجا آصف جي نااهلي مان خوش نه آهن. صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ضياءَ الحق جي پاليسين ۽ سندس ٺاهيل قانون ملڪ جي ڪنهن به سياستدان کي ناهي ڇڏيو، انهن مان سڀ متاثر ٿيا آهن. اهڙي قانون سان اڄ ضياءَ الحق جا ٻار به متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته بهتر هو ته خواجه آصف جي نااهلي جو معاملو پارليامينٽ ۾ طئي ٿي وڃي ها. مون سميت ڪو به سياستدان نااهلي مان خوش ناهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت کي ڪنهن به نموني چئن مهينن کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش نه ڪرڻ گهرجي، چئن مهينن جي بجيٽ واري معاملي تي سموري اپوزيشن متفق آهي، حڪومت هڪ سال جي بجيٽ پيش ڪري نئين روايت وجهي رهي آهي. خورشيد شاهه چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ ايندڙ حڪومت کي پيش ڪرڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *