Friday , March 29 2024

پيپلزپارٽي پاران آغا سراج دراني جي گرفتاري خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي سنڌ، اسپيڪر آغا سراج دراني جي ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ٿيڻ ۽ سندس گهر تي ڇاپي خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نثار کهڙو ۽ شهلا رضا چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ سکر ۽ حيدر آباد ڊويزن جي ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. ارڙهين ترميم خلاف سازشن ۽ ان کي رول بيڪ ڪرڻ جي سانباهن جون ڳالهيون ڪندڙ پيپلز پارٽي  کان ان خلاف سازشن واري ڳالهه وسري وئي آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي هاڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري ۽ سندس گهر تي ڇاپي خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي ۾ پ پ سنڌ ڪائونسل جواجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايم پي ايز ۽ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اسپيڪر جي گرفتاري ۽ گهر تي ڇاپي واري ۽ آئينده جي لائحه عمل تي ويچاريو ويو. اجلاس ۾ سراج دراني جي گرفتاري خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جي تجويز تي غور ڪيو، اجلاس ۾ شريڪ پ پ سنڌ ڪائونسل جي هڪ ميمبر نالو نه لکڻ جي شرط تي www.sindhsamaachar.com کي ٻڌايو ته، سراج دراني واري معاملي تي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جي فيصلائتي انداز ۾ تجويز پيش ڪئي، جنهن جي اڪثر ميمبرن سخت مخالفت ڪئي. هن ٻڌايو ته، سينئر اڳواڻن نثار کهڙُ کي چيو ته، هن وقت سنڌ ۾ سواءِ پ  پ ڪارڪنن جي ڪير به گرفتاري واري معاملي تي همدردي نه ٿو رکي، انڪري تڪڙ ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪرڻ سان ڏکيائيون وڌي وينديون ۽ پ پ جا مقامي اڳواڻ سنڌ حڪومت، وزيرن، مشيرن ۽ پارٽي جي اڳواڻن جي روين سبب سخت ڪاوڙيل ۽ مايوس آهن. پ پ جي ان سينئر اڳواڻ سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ احتجاجي ريلي ۽ مظاهرن جي تجويز آئي ته ٻن صوبائي وزيرن ان جي مخالفت ڪئي، جنهن کانپوءِ خيرپور سان لاڳاپيل هڪ ميمبر سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنز جي سمورن ضلعن جي هيڊڪوارٽرز ۾ احتجاجي مظاهرن جي تجويز پيش ڪئي. هن ٻڌايو ته عجيب ڳالهه اها آهي ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ احتجاج جي نثار کهڙي پاڻ حمايت نه ڪئي، جنهن کانپوءِ سکر ۽ حيدر آباد ڊويزنز ۾ سمورن ضلعن جي هيڊڪوارٽرز ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *