Thursday , April 25 2024

پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪرونا ۾ مبتلا، گهر ۾ آئسوليٽ

بلاول ڀٽو زرداري جو پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويو، گهر اندر ئي پاڻ کي آئسوليٽ  ڪري ڇڏيو

ڪراچي( چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ بعد گهر ۾ ئي آئسوليٽ ٿي ويو آهي، بلاول هائوس جي ترجمان چيو آهي ته بلاول جي ويجهن ساٿين جي ڪرونا رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد هن پاڻ کي آئسوليٽ ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان ۾ اليڪشن مهم هلائڻ دوران ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، بلاول هائوس جي ذريعن بلاول جي ڪرونا ۾ مبتلا ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ميڊيا رپورٽس مطابق بلاول هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته، پارٽي چيئرمين جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو ۽سندس ٽيم جي ڪجهه ٻين ماڻهن جي ڪروناٽيسٽ پازيٽو آهي، بلاول ڀٽو زرداري به ٽيسٽ ڪرائي آهي پر اها اڃا کيس ملي ناهي، ويجهن ساٿين کي ڪرونا جي تصديق بعد بلاول پاڻمرادو احتياط اختيار ڪندي آئسوليٽ ٿي ويو آهي.

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

ٻئي پاسي پيپلزپارٽي جي اعتماد جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي پنهنجي والد آصف زرداري سان ڪجهه معاملن تي اڻبڻت ٿي پئي آهي، جنهن کي پارٽي جا سينئر اڳواڻ ۽ خاندان جاماڻهو سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *