Thursday , March 28 2024

پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ٿي ويو، مهانگائي نه گهٽي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت پيٽرول 7 رپيا 6 پئسا في لٽر سميت پيٽروليم شين جي في لٽر ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو پهرين جون رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا آهن. ناڻي کاتي جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته، پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 7 رپيا 6 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي  آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جو نئون اگهه 74 رپيا 52 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي، ڊيزل پنج پيسا مهانگو بعد نئين قيمت 80 رپيا 15 پيسا مقرر ڪئي وئي. گاسليٽ 11 رپيا 88 پيسا سستو ڪرڻ بعد نئين قيمت 35 رپيا 56 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي. لائيٽ ڊيزل 9 رپيا 37 پئسا سستو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 38 رپيا 14 پيسا مقرر ڪئي وئي. ناڻي کاتي پاران جاري ڪيل قيمتون پهرين جون رات 12 هين وڳي کانپوءِ لاڳو ٿي ووين آهن. پيٽرول ڪجهه پئسا مهانگو  ٿيڻ کانپوءِ مختلف شين جا وڌايا ويندا آحن، پر پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ مهانگيون ٿيل ٻيون عام واهپي جون شيون ته سستيون ناهن ٿيون پر پبلڪ ٽرانسپورٽ توڙي، رڪشائن، ٽيڪسيز جا ڪرايا به ناهن گهٽايا ويا، جيڪا ذميواري صوبائي حڪومتن جي هجي ٿي.

“سنڌ رجيڪٽس بوگس ڊوميسائيلز”ٽويٽر تي ٽاپ ٽرينڊبڻجي ويو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *