Friday , April 19 2024

پير شاهه محمود قريشي! ڪرتارپور- گريٽر پنجاب آهي تصوف نه….. اصغر آزاد

پير شاهه محمود قريشي! لطيف سرڪار، سچل، سامي جي ذڪر کانسواءِ تصوف جو ذڪر منافقت کانسواءِ ڪجهه به ناهي، ڪرتارپور- گريٽر پنجاب آهي تصوف نه….. اصغر آزاد

نيٺ اڄ ڪرتار پور سرحد مڪمل طور تي فري ڪوريڊور طور کلي وئي آهي، سک برادري کي مبارڪ هجي، مبارڪ هجي نواز شريف سميت انهن سڀني کي جيڪي گريٽر پنجاب جو خواب ڏسندڙن کي. ڪرتارپور راهداري کولڻ جي افتتاحي تقريب کي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، سميت سمورن حڪمران ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جي خطاب ثابت ڪيو آهي ته، هي منصوبو مڪمل طور پياري وطن پاڪستان ۽ ڀارتي پنجاب جي مذهبي ۽ ثقافتي ميلاپ جو منصوبو آهي، اهو اڪثر ٻڌو هو پر اڄ وزيراعظم عمران خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، مذهبي معاملن جي وزير مولانا نورالحق قادري جي خطاب مان ثابت ٿيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جنهن جي سنڌ ۾ شايد سنڌ ۾ موجود پيراڻين گادين کان وڌيڪ مريدي آهي، کوڙ ساريون ننڍيون وڏيون گاديون به پيرشاهه محمود قريشي جي پيري – مريدي جي لڙهي ۾ اچن ٿيو.

پير شاهه محمود قريشي ڪرتار پور راهداري جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي، چيو ته هي منصوبو تصوف کي هٿي وٺرائڻ جو منصوبو آهي، هن بابا بلها شاهه، داتا گنج، گرونانڪ سميت قلندر لال شهباز جو نالو کڻي ورجايو ته انهن جو به فڪر انسانيت سان محبت جو تصوف واري فڪر جو اڄ هي اهم سنگ ميل آهي. پير شاهه محمود قريشي جو علم ۽ ڄاڻ ايترو گهٽ ناهي اهو مونکي به يقين آهي، پر سندس پنجاب جي سنڌ ڏانهن روحاني سوچ جو مظهر پيش ڪندي، نه لطيف سرڪار جو نالو کنيون، نه سچل جو نه ئي وري پير شاهه محمود قريشي کي سامي جو نالو کڻڻ جي همٿ نه ٿي يا کيس اجازت نه هئي. پير شاهه محمود قريشي صاحب! اوهان جي تقرير مان پنجاب جي سنڌ سان روحاني روين جي ڌپ آئي، ها! شاهه – سچل – سامي جي هن ڌرتي جي مذهبي رواداري، انسان دوستي ۽ تصوف جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي به ضرورت ڪونهي، پر ڳالهه روين جي هوندي آهي، ڳالهه دل جي صفائي جي هوندي آهي ۽ ها صوفي / تصوف جو ذڪر اوهان جي زبان تي نه ٿو سونهين……

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *