Friday , April 19 2024

پيئڻ جو گندو پاڻي مهيا ٿيڻ وارو معاملو، مرادعلي شاهه کي سپريم ڪورٽ طلب ڪري ورتو

ڪراچي( چيف رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پيش ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، سنڌ جا ماڻهو گندو پاڻي پي رهيا آهن. چيف سيڪريٽري ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي ته هاڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٿا گهرايون.

سنڏ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران، چيف جسٽس ثاقب نثار چيف سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ڪجهه ن ه ٿا ڪري سگهو ته وڏي وزير کي ٿا گهرايون. جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمرو اعتراض واريندي چيو ته، معاملي تي پهريان مونکي وضاحت پيش ڪرڻ ڏيو، وڏي وزير کي نوٽيس جاري نه ڪيو. ايڊووڪيٽ جنرل جي اهڙي موقف تي چيف جسٽس چيو ته، اي جي صاحب پريشان ڇو ٿا ٿيو، وڏي وزير کي گهرائي هتي هي پيئڻ وارو پاڻي گندو مهيا ٿيڻ واري وڊيو ڏيکارڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن ڀلي وڊيو ۽ صاف پاڻي آهي ته تعريف ڪندو.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻ ي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته، لاڙڪاڻو حڪمران پارٽي جو شهر آهي پر اتي ئي 80 سيڪڙو ماڻهو گندو ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي واپرائي رهيا آهن. وڏي وزير سان گڏ عدالت ۾ سندس ڪرتاڌرتائن کي به گهرائينداسين ۽ هي وڊيو کين ڏيکارينداسين. (جاري)

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *