Thursday , April 25 2024

پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن، شرجيل ميمڻ جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ضمانت تي آزادي واري اميد اڌوري رهجي وئي آهي. سپريم ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي سڌ سماءَ کاتي ۾ پوڻا  6 ارب رپيا ڪرپشن ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪندي کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. شرجيل ميمڻ کي 23 آڪٽوبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ  شرجيل ميمڻ کي عدالت جي اڱڻ مان گرفتار ڪيو ويو.  شرجيل ميمڻ سپريم ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي، جنهن جي ٻڌڻي جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي.  عدالت شرجيل ميمڻ جي وڪيل ۽ فريادي ڌر جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته گرفتار ماڻهو ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهن ٿا. عدالت نيب کي هڪ هفتي ۾ جواب به داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ تي سڌ سماءَ واري کاتي ۾ پوڻا 6  ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *