Thursday , April 25 2024

پوليس هوسڙي ۾ اغوا ڪري زيادتي بعد قتل ڪيل نياڻي جا قاتل ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود گرفتار نه ڪيا

حيدر آباد( رپورٽر    سنڌسماءَچار) حيدر آباد پوليس هوسڙي ڀرسان ڏيڍ مهينو اڳ قتل ڪيل معصوم نياڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، وارثن جي احتجاج تي آءِ جي سنڌ سميت ڪنهن به وس واري ڌيان ناهي ڏنو. هوسڙي جي ڳوٺ مراد ڪليري ۾ ڏيڍ مهينو اڳ قتل ڪيل معصوم نياڻي جي قتل اڃان تائين ڳجهارت بڻيل آهي، 45 ڏينهن گذرڻ باوجود هوسڙي پوليس اڃان تائين ڪيس جو چالان به پيش نه ڪري سگهي آهي. ڳوٺ مراد ڪليري ۾ ڏيڍ مهينو اڳ قتل ڪيل معصوم عظميٰ جو  قتل اڃان تائين ڳجهارت بڻيل آهي. مقتول نينگري  جي پيءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي معصوم نينگري جي قتل کي ڏيڍ مهينو ٿي ويو آهي، پر پوليس اڃا تائين ڪيس جو چالان به پيش نه ڪري سگهي آهي. هوسڙي پوليس جو چوڻ آهي ته، عظميٰ جي قتل ڪيس ۾گرفتار عورت چري نه آهي، جيڪڏهن چري آهي ته به ان جي گرفتاري به نينگري  جي وارثن جي شڪ بعد ٿي  آهي. پوليس جي دعويٰ آهي ته عورت  ٻارڙي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي ۽ اهڙو اعترافي  بيان هن ڪورٽ ۾ پڻ ڏنو آهي، قتل ۾ استعمال ٿيندڙ ڇري پڻ جاءِ واردات تان عورت نشاندهي تي اسان کي ملي آهي. نينگري جي قتل  ڪيس ۾ ڪابه سستي نه ٿي آهي، ڊاڪٽر معصوم عظميٰ ڪليري جي قتل ۾ ريپ جو شڪ ڏيکاريو هو جنهن جي ڪري رپورٽ دير سان اچڻ جي ڪري رپورٽ جو انتظار ڪرڻو پيو، جڏهن ته رپورٽ ۾ نينگري سان ريپ ٿيڻ جي تصديق نه ٿي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *