Thursday , April 18 2024

پوليس جي جوانن کي شهيد ڪندڙ ايوانن ۾ پهچي ويا ۽ سول سوسائٽي خاموش تماشائي….!!

police2     DSPpolice1

آءِ جي سڌ اي ڊي خواجا نيٺ زبان کولي سچ ڳالهايو آهي، سندس چوڻ آهي ته سنڌ پوليس کي 1896 جو قانون ڏئي نتيجا ايڪيهين صديءَ مطابق گهريا ويندا ته مايوسي ٿيندي، آخر ڪار پوليس کي لٺ جي سهاري تي ڇو پيو هلايو وڃي.

police 3

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته ارڙهين صديءَ جي قانون هيٺ 21هين صديءَ ۾ ڪم نه ٿو ڪري سگهجي، سوچڻو پوندو ته ڪراچيءَ کي رينجرز جي سهاري جي ضرورت ڇو پئي؟1996ع ۾ ڪراچي اندر آپريشن کي ڪامياب ڪندڙ آفيسرن کي چونڊي چونڊي ماريو ويو، پوليس آفيسرن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندڙ ايوانن تائين به پهچي ويا، سرڪاري ادارا به عوامي اميدن تي پورو نه لٿا آهن. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۾ واپارين کي خطاب ڪندي چيو آهي ته آءِ جي سنڌ چيو ته ادارن ۾ بهتري آڻڻ هڪ ڏينهن ۾ ممڪن نه آهي،ڏسڻو پوندو ته ڏوهاري پڪڙ کان ڪيئن پريا رهيا؟ هن چيو ته 80 جي آخر ۽ 90 واري ڏهاڪي ۾ قتلام ٿي رهيو هو، ان دوران سنڌ پوليس اڪيلي سر آپريشن ڪري ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ ڏوهارين جو خاتمو ڪيو. آءِ جي سنڌ اي چيو ته آپريشن ڪندڙ اڪثر پوليس آفيسرن کي روڊن تي شهيد ڪيو ويو، جن جي قتل ۾ ملوث ماڻهو ايوانن ۾ ويٺا رهيا، جڏهن پوليس آفيسرز کي ڳولهي ڳولهي قتل ڪيو پي ويو ته انساني حقن جون تنظيمون ۽ سول سوسائٽي خاموش تماسائي بڻيل هئي. اي ڊي خواجا چيو ته قتلام تي سڄي سوسائٽي خاموش رهي، انهن ڏينهن ۾ توڙي ڪيترن ئي سالن تائين ڪو به پوليس آفيسر خاص طور تي پوليس جا جوان وردي پائيندي به گهٻرائيندا هئا، تڏهن ته ڪنهن به پوليس جي بهتر ڪارڪردگي بابت هڪ لفظ به نه ڳالهايو. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو ته سنڌ پوليس پهريون ڀيرو ادارن جي مدد سان شفاف ڀرتيون ڪيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *