Thursday , March 28 2024

پوليس جون سڄي سنڌ ۾ ڪارروايون، 20 افغاني سوگها،خيرپور مان مبينا دهشتگرد گرفتار

Arrest1Arrest2
سنڌ جي مختلف شهرن ۾پوليس غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪندي 20 کان وڌيڪ افغانين کي گرفتار ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪيا آهن.
حيدرآباد پوليس لطيف آباد ۽ سائيٽ واري علائقي ۾ مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪري پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهڻ جي الزام هيٺ 15 افغان شهرين کي گرفتار ڪري سندن خلاف فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتا آهن.
نئون ديرو ۽ ڪيٽي ممتاز پوليس ڀٽي لاڙي، عزت جي وانڊ ۽ ٻين هنڌن تي ڪارروائي ڪري 5 افغانين روز الدين، شفيع الله، عبد الولي، عبد العزيز ۽ ولي محمد کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب گرفتار ڪيل افغاني وڏي عرصي کان اتي رهيل هئا، جن وٽان پرڏيهي ڪرنسي پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.
ٺارو شاهه ۾ پوليس شهر ۽ ڀرپاسي وارين علائقن ۾ ڇاپا هڻي جهانگير پٺاڻ ۽ سعيد خان نالي ٻين افغانين کي گرفتار ڪري ورتو ۽ مٿن ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.
ٺارو شاهه پوليس موجب گرفتار ڪيل ٻئي ڄڻا افغاني شهري آهن ۽ ٺارو شاهه ۾ غير قانوني طور ترسيل هئا.
سجاول پوليس شهر جي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ٽن غير قانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪيو.
سجاول ۾ گرفتار ڪيل ٽئي ڄڻا افغاني ٻڌايا پيا وڃن، پوليس کانئن پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي.

Arrest3
ٻي طرف، خيرپور پوليس شاهي بازار واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري حفيظ بروهي گروپ سان تعلق رکندڙ ٽن شڪي دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
اي سيڪشن پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي شهر جي شاهي بازار واري علائقي ۾ هڪ جاءِ تي ڇاپو هڻي حفيظ بروهي گروپ جي ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب گرفتار ڪيل دهشتگردن ۾ عبد الرحمان بروهي، عبد الوهاب بروهي ۽ عبد اللطيف بروهي شامل شامل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل دهشتگردن جو تعلق حفيظ بروهي گروپ سان آهي، جن بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *