Thursday , April 18 2024

سنڌي تنظيمن ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس متعلق دليپ رتناڻي جي غلط بياني- مير سليم سنائي

(ڪئناڊا  ۾ ” ڪم ڪندڙ ” دليپ رتناڻي صاحب  جو ڪاوش ۾ ليک ڇپيو آهي جنهن جي لفظ ، لفظ مان صاف ظاهر آهي ته هن پرڏيهه ۾ 28 سالن کان سنڌيت جي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ قومي ڪارڪنن سان ڪو ذاتي وير پاڙيو آهي۔ ان جي تفصيل ۾ وڃڻ کان اڳ اسين کائنس نهايت ئي مهذب نموني سياسي انداز ۾ ڪجه سوال پڇڻ چاهيون ٿا.)

دليپ ڪمار رتناڻي سڀ کان پهرين  اهو ٻڌائي ته سندس تعلق ڪهڙي پارٽي يا تنظيم سان آهي؟  ڇا توهان پيپلز پارٽي جا آهيو ؟ جي نه ته پو توهانجي فيس بڪ تي ڪرپٽ  آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي حمايت جون ڪيتريون پوسٽون جيڪي توهان جي  پاران آهن ڇو آهن ؟ توهان ڪرپٽ  پيپلز پارٽي جي بي ٽيم آهيو يا انهن جو سهولت ڪار آهيو۔ اها ڳالهه طي آ۔

2

ساڳي وقت  توهان جو تعلق  شفيع برفت  جي  سياست  سان آهي جيڪا انتهائي مشڪوڪ ۽ سنڌ جا ڳڀرو جوان ڳولهي ڳولهي مارائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔  هاڻي ته صاف ٻڌايو، لڪي ڇپي ته توهان ان جو گوريلو ٿيڻ جي هر هنڌ وڏي هام  هنئي آهي. سڌي ڳالهه ڇو نه ٿا ڪيو۔

3

ٽئين ڳالهه جيئن اسلام ۾ بنياد پرستي جي اسان خلاف آهيون تيئن هندو هجي يا عيسائي يا يهودي،  هر بنياد پرستي جي به اسان خلاف آهيون، تنهنجون پوسٽون اڳ ۾ هندو هونديون آهن پوءِ سنڌي۔  اسين ڪنهن به دين ڌرم ۽ مذهب کي ان معاملي ۾ نه کڻي اچون ها پر سنڌ لاءِ جهڙو مسلمان بنياد پرست هاڃيڪار آهي، تهڙو هندو بنياد پرست ۽ تون ڪٽر بنياد پرست هندو ثابت ٿي چڪو آهين، سنڌ تنهنجي لاءِ ثانوي حيثيت رکي ٿي، ثبوت ۾ تون پنهنجون ئي پوسٽون کڻي ڏس، سنڌ پرست ته اسان جهڙا سنڌ ماتا جا عاشق، ادي روبينا ، هدايت ، صغير شيخ ۽‌  لکو مل لوهاڻي جهڙا سنڌ جا دلبر پوڄاري آهن جن لاءِ سنڌ ئي  مذهب آهي يا هريش جهڙا قومي ڪارڪن آهن، يا ادي جئي لوهاڻو جهڙي ڀيڻ آهي جيڪا سالن کان سنڌ پرست مهمانن جي ميزباني ڪندي آهي۔

4

تو پاڻ ئي لکيو آ ته ورلڊ سنڌي ڪانگريس هيومن رائيٽس ۽ مسنگ پرسنس ۽ زوري مذهب تبديل ڪرڻ وارن معاملن کان وڌيڪ ڪجهه ناهي ڪيو، ته پوءِ عقل جا اڪابر پهرين ورلڊ سنڌي ڪانگريس  جو آئين پڙهي ڏسين ها، ان جو ڪم  اهو ئي ته آهي۔ ورلڊ سنڌي ڪانگريس ڪا گوريلا تنظيم يا سياسي پارٽي نه پر سنڌ جو هڪ Advocacy  گروپ آهي ۔ اها  ٻيو ڇا ڪري؟ تنهنجي ليڊرٺڳ گوريلي  وانگر گوريلا جنگ جون ڪوڙيون ڊاڙون  هڻي ڇا ؟Advocacy جو جيڪو ڪم آهي هو پوري ايمانداري سان سالن کان ڪن پيا۔

5

تو لکيون آهي،  سائين جي ايم سيد ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو تا حيات چيئرمين ڪيئن ٿيو، ڪٿي ٿيو، ڇو ٿيو؟

پهرين ڳالهه سائين جي ايم سيد ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو تا حيات چيئرمين  ٿيو يا نه ٿيو ان ۾ تنهنجو ڇا ؟ ٻي ڳالهه  اهي سڀ ڳالهيون تنهنجي  ليول کان مٿي جون آهن۔ اهي سڀ معاملا حيدر منزل تي سائين جي ايم سيد جي  موجودگي ۾ ٿيا هيا۔ جنهن جي گواهي ڏيڻ لاءِ خود رهبر جي ايم سيد جي خاندان سميت سندس قريبي معتبر شخصيتون ۽ خود سائين جي ايم سيد جو ترجمان ۽ جڳ مشهور صحافي سهيل ميمڻ به اڃان زنده آهن .

6

تون ورلڊ سنڌي ڪانگريس  کي 1973 جي آئين سان ٿو ڳنڍين ۽ سائين جي ايم سيد جا حوالا ٿو ڏين، پر توکي اها به خبر ناهي ته سائين جي ايم سيد سنڌ نيشنل الائنس (SNA) , به ٺاهيو هو ۽ ان جي پليٽ فارم تان ان آئين هيٺ ئي  پنهنجن ساٿين کي چونڊون به ويڙهايون هيون ۔ پوءِ ڇا ان جو مطلب ته سائين جي ايم سيد به غدار ٿي ويو ؟ اڄ تو ن ۽ تنهنجي  گوريلي گرو جهڙن  جي چال بازين کي ڏسي سيد جي وک وک تي کنيل قدمن ۽ حڪمت عملين تي ايمان ٻيڻو ٿيو ٿو وڃي.

7

ڇا يو اين پي جيڪا دنيا جي معتبر ترين تنظيم آهي جنهن ۾ هر محڪوم قوم مان صرف هڪ نمائنده تنظيم چونڊي ويندي َآهي اهڙي عالمي اداري طرفان  ورلڊ سنڌي ڪانگريس  کي محڪوم سنڌي قوم جي نمائندگي ڪيئن ڏني ويئي؟ اها سنڌ ۽ سائين جي ايم سيد جي پيغام امن ۽ سلامتي جي حاصلات ڏانهن هڪ وک آهي جيڪا ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي دوستن محنت ۽ سچائي سان حاضل ڪئي آهي۔

8

گذريل 28 سالن کان ورلڊ سنڌي ڪانگريس اقوام متحده جي ادارن ۾ سنڌ جي هر هڪ قومي مسئلي تي  سالن جا سال  آواز اٿاريو آهي۔ جنهن جي گواهي خود اقوام متحده جي ريڪارڊ تي هر ڪو ڏسي سگهي ٿو.

9

آخر اڄ جڏهن هر طرف کان دشمن رياستي ادارن طرفان ورلڊ سنڌي ڪانگريس نشاني تي آهي ته توکي هاڻي اچانڪ ڪيئن ورلڊ سنڌي ڪانگريس ياد اچي ويئي آهي؟  توکي جيڪا تڪليف آهي اها اسان سڀ سمجهون ٿا۔  سنڌ جي قومي تحريڪ جي مشڪوڪ شخص۽ گوريلي جي  هشي تي تون سنڌ دشمنن جي وانگار وهي آهي.

10

آخر اهو ڇو نٿو ٻڌائين ته اگر ورلڊ سنڌي ڪانگريس بهتر ڪم نٿي ڪري ته ان کان اڳ تون پاڻ موصوف سانا،ورلڊ سنڌي ڪانگريس سميت ٻيئن ڪهڙين ڪهڙيئن تنظيمن ۾ شامل رهين ؟ ۽ انهن سڀني تتنظيمن مان توکي ڇو تڙي ٻاهر ڪڍيو ويو ؟  جن ۾ ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ نالي جي تنظيم پڻ شامل آهي؟

11

ڇا اهيو درست ناهي ته توکي ورلڊ سنڌي ڪانگريس مان انهي ڪري تڙي ٻاهر ڪڍيو ويو جو تون ان تنظيم جي اندر ويهي  هڪ معتبر تنظيم جي اعتماد سان ويساه گهاتي ۽ خيانت ڪندو رهين ۽ ان جا معاملا ٺڳ گوريلي تائين پهچايندو رهيو آهين۔

12

تو پاڻ وڏي آرام ۽ اطمينان سان ان ملڪ پاڪستان ويندو ايندو  رهندو آهين جنهن ۾ تنهنجي ليڊرٺڳ گوريلي جي بقول سر جي قيمت لڳل آهي۔   اهيو ڪيئن ممڪن آهي ته پاڪستان جي هيڏي سخت مخالف گوريلي جو خاص ماڻهون  معني تون بي فڪري سان ان ملڪ ايندو ويندو رهي ؟

سنڌ پنهنجي ڏکي دور مان پئي گذري، پر سنڌ جا حلالي فرزند سيد ۽ سنڌ سان پنهنجا سڀ ناتا نڀائيندي پنهنجي وس آهر ڪن ڪن پيا۔ انهن آڏو رڪاوٽ بنجڻ لاءِ ڪيترا ٽائوٽ پيدا ڪيا ويا آهن۔ جيڪي پنهجي ڪم سان لڳل آهن نه ته عين ان وقت جڏهن لنڊن ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي انٽرنيشنل ڪانفرنس ٿيڻ واي آهي دليپ رتناڻي نالي همراه هي ليک نه لکي ها۔ آخر ۾ اها ڳالهه واضع ڪندو هلان ته دليپ رتناڻي ، سنڌين جي ڪنهن به پرڏينهي تنظيم ۾ سال ٻن کان وڌيڪ نه رهي سگهندو آهي ان جو سبب اهو اهي ته هي اتي سازشون ڪندو آهي، انهن  تنظيمن جا معاملا ليڪ ڪندو آهي۔ انهن ۾ گروپ بندي ڪندو آهي، نتيجي ۾ هر تنظيم کيس ڪڍي ڇڏيندي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *