Friday , March 29 2024

پوليس اميشا جي وارثن کي ساڻس ملاقات لاءِ سڄو ڏينهن رلائيندي رهي

اميشا خاصخيلي – فائل فوٽو

عمرڪوٽ ( رپورٽر سنڌسماءَچار) حيدر آباد ويجهو ڊرامائي انداز ۾ هٿ آيل نينگري اميشا سان وارثن کي ملاقات ڪرائڻ لاءِ ميرپورخاص کان حيدر آباد ۽ واپس عمر ڪوٽ تائين رلائيندي رهي ۽ نيٺ رات جو 11 هين وڳين کانپوءِ سندس امڙ ۽ ٻين وارثن سان ملاقات ڪرائي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته اميشا کي سڀاڻي عدالت آڏو پيش ڪري سندس بيان رڪارڊ ڪرايو ويندو. پوليس جو چوڻ آهي ته ته اميشا جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد عدالت جيڪو به حڪم ڪندي ان تي عمل ڪيو ويندو ۽ نينگري جي بيان جي روشني ۾ وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ پوليس اميشا جي وارثن کي ملاقات لاءِ سڄو ڏينهن رلائيندي رهي. اميشا جي ڀاءُ دلشاد خاصخيلي ۽ سندس امڙ جو چوڻ آهي ته، اميشا جي هٿ اچڻ جي اطلاع تي اسان ساڻس ملڻ چاهيو ته پهريان اسان کي پوليس چيو ته ميرپور خاص ڊي آءِ جي آفيس اچو. هنن چيو ته اسان ميرپورخاص پهتا ساين ته اتان وري عمر ڪوٽ موڪليو ويو. اميشا جي ڀاءُ دلشاد چيو ته، اسان کي عمر ڪوٽ مان پوليس چيو ته اميشا اڃا حيدر آباد ۾ آهي اوهان اوڏانهن وڃي ساڻس ملاقات ڪيو. هنن چيو ته جڏهن حيدر آباد پهتاسين ته ٻڌايو ويو ته، اميشا کي عمرڪوٽ پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي رواني ٿي وئي آهي.

اميشا جي امڙ ۽ ڀاءُ عمرڪوٽ پهچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، اسان سڄو ڏينهن رلندا رهيا آهيون، نيٺ وڏين منٿن ۽ ايلازن سان ملاقات ڪرائي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *