Saturday , April 20 2024

پهريون ڀيرو عورت ڀنگ لاءِ ناري اغوا، 10 ڪروڙ رپيا طلب

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي مان عورت ڀنگ لاءِ مبينا طور اغوا، پوليس به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته، بلڊر جي ڌيءُ بسمه ميمڻ جي بازيابي لاءِ اغوا ڪندڙن 10 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو ڀنگ طلب ڪيو آهي، گذريل آچر ڏينهن ڪراچي جي ڊفينس فيز 6 خيابان سحر واري علائقي مان گهر جي در اڳيا اغوا ٿي ويل بلڊر سليم ميمڻ جي نوجوان نياڻي بسمه ميمڻ بازياب نه ٿي سگهي آهي، پوليس اڃا تائين اغوا ڪندڙن بابت به ڪا معلومات حاصل ناهي ڪري سگهي، ميڊيا رپورٽس مطابق، پوليس جو چوڻ آهي ته، ناري کي اغوا ڪندڙ جوابدارن سندس پيءُ بلڊر سليم ميمڻ ۽ ٻين وارثن کان انٽرنيٽ ذريعي ڪال ڪري 10 ڪروڙ رپين  کان وڌيڪ ڀنگ طلب ڪئي آهي.

رپورٽس مطابق، ايس ايس پي ڪراچي ڏکڻ پير محمد شاهه جو چوڻ آهي ته، وارثن ٻڌايو آهي ته، ناري جي اغوا کانپوءِ کين مختلف وقتن تي انٽرنيٽ ذريعي ڪالز ڪري 10 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ڀنگ گھريو پيو وڃي. ايس ايس پي موجب انٽرنيٽ ذريعي ڪالز اچڻ سبب انهن کي ٽريس ڪرڻ مشڪل آهي. اسان سائبر ڪرائي سيلز ذريعي به انهن ڪالز جو پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ لاڳاپيل اختيارين کان ڪالز جي لوڪيشن ۽ ٻيو ايڊريس حاصل ڪرڻ لاءِ مدد گھري آهي، جڏهن ته پوليس جو آءِ ٽي شعبو پڻ پنهنجي حساب سان ڪم ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف ڏکڻ پوليس شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا پر بسمه سليم جي بازيابي توڙي ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آهي. پوليس ذريعن موجب اغوا بعد بسمه جو موبائيل 2 دفعا آن ٿيو آهي، هڪ دفعي لياقت آباد ۽ آخري ڀيرو سپر هاءِ وي وٽ لوڪيشن ٽريس ٿيو آهي، جنهن بعد موبائيل وري بند ٿي ويو آهي، پوليس ذريعن موجب ملير جي ڪجهه علائقن ۾ به ڇاپا هنيا ويا آهن، هوڏانهن واقعي کي 2 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود وارثن اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ڪرايو.

پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر پاران ايڊز بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ميڊيا کي به صلاح

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *