Thursday , March 28 2024

پنوعاقل جي ڳوٺ ستابو انڍڙ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 ڀائر فوت،2 مرڻينگ

پنوعاقل جي ڳوٺ ستابو انڍڙ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 ڀائر فوت،2 مرڻينگ، ٻآرن جي والد جو پنهنجي ويڳي ماءُ تي  زهر ڏيڻ جو شڪ

سکر (رپورٽر   سنڌسماءَچار) پنوعاقل جي ڳوٺ ستابو انڍڙ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه سڳا ڀائر فوت، سندن ٻن ڀائرن جي زندگي داءَ تي لڳي وئي، نجي اسپتال داخل، فتي ٻارڙن جي والد جو چوڻ آهي ته، شڪ آهي ته منهنجي ويڳي ماءُ اسان کي زهر ڏنو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سڀ واضح ٿي ويندو. ڳوٺ ستابو انڍڙ ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا چار ڀاتي پراسرار نموني بيهوش ٿي ويا، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال پنوعاقل ۽ پوءِ سکر نيو ويو، جتي ٻن ڀائرن 18 سالن جي مجيب انڍڙ ۽ 15 سالن جي معيب دم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ٻه ڀائر شمس الدين ۽ شيراز جي به حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. وارثن جو چوڻ آهي ته شام جو چار وڳي ڌاري ماني کاڌي، جنهن کانپوءِ سڀ بي هوش  ٿي ويا، جن کي سکر اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئاسين مجيب ۽ معيب رستي ۾ اسپتال نيئدي ئي دم ڏئي ڇڏيو، اسپتال ۾ ڊاڪٽر ٻنهي جي فوت ٿيڻ جي پڪ ڪرائي، ٻن ڀائرن کي بچايو ويو آهي پر انهن جي حالت به ڪا چڱي ناهي. فوتي ٻارڙن جي والد هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته کيس شڪ آهي ته سندس ويڳي ماءُ ۽ ٻارڙن جي ڏاڏي کاڌي ۾ زهر وجهي ڏنو آهي، وڌيڪ پويسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ سان سڀ خبر پئجي ويندي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو حتمي ڪارڻ معلوم ناهي ٿيو پر ڪجهه ماڻهن ٻڌايو آهي ته زهريلو کاڌو کائڻ سبب واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.فوتي ڀائرن جي چاچي امتياز انڍڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڇوڪرن جي حالت اوچتو واري واري سان خراب ٿيندي وئي، فوري طور اسپتال آندو، لڳي ٿو ته کين حساب ٿيو آهي، باقي زهريلو کاڌو کائڻ سبب انهن جي حالت خراب ناهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ماني ته سڀني کاڌي هئي، پوءِ رڳو انهن چئني ڄڻن جي حالت خراب ڇو ٿي. هن چيو ته مختلف ٽيستون ڪرايون ويون آهن، رپورٽس ۾ ڪارڻ جي خبر پوندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *